يوسف سنڌي  

يوسف سنڌيءَ جو پروفائيل

محمد يوسف ميمڻ، ادبي دنيا ۾ يوسف سنڌيءَ جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1967ع تي محمد هاشم ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرائمري هاءِ اسڪول دڙو مان پرايائين- انٽر ميڊيٽ ڊگري ڪاليج سجاول، بي-اي-بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.لکڻ جي شروعات 1979ع ۾ ٻاراڻي ادب لکڻ سان ٿي. پاڻ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم، پبلشر،ايڊيٽر،ڊراما نگار رهيو آهي .سندس هڪ ڪهاڻي هنڌي ۽ هڪ ڪهاڻي ميٿلي زبان ۾ ترجمو ٿي هندستان ۾ ڇپيون آهن. تنظيمي وابستگي ۽ ذميواري حوالي سان سيڪريٽري جنرل ادبي سنگت سنڌ (27 اپريل 2008ع کان 11 جولاءِ 2010ع تائين) برانچ شاخ دڙو جو سيڪريٽري (ڪيترائي ڀيرا) ، ٺٽي جو رابطا سيڪريٽري (1991ع ۾)، سنڌي ادبي سنگت جي آئين ڪميٽي جو ميمبر (1996ع)، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي چونڊ ڪميٽيءَ جو ميمبر (1996ع) غلام حسين رنگريز جي دور ۾ شايع ٿيندڙ سنگت پبليڪيشن جي چئن پرچن ۾ اعزاري صلاحڪار (89-1988ع)،سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعت شعبي جي انچارج جي حيثيت سان 30 ڪتاب شايع ڪرايا (2006 کان 2010ع تائين)، سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پاڻ ٽن مرحلن ۾ سنڌي ٻولي، قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلايائين، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه پارليامينٽرين قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم واسطي بل پيش ڪيو.سنگت جي آفيس واسطي حڪومت سان لکپڙه بعد پنج لک فنڊ جو خط موصول ڪيائين، جيڪو   پوءِ ايندڙ  باڊيءَ تڏهن جي ثقافت کاتي واري وزير محترمه سسئي پليجو کان وصول ڪري سنگت مرڪزي سيڪريٽريٽ جي اڏاوات ۾ استعمال ڪيو ويو.سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 50 کان مٿي آهي.سندس  ڏهاڪو کن ترجمي ۽ ايترائي طبعزاد ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ آهن.