سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مختصر تاريخ
حصو پهريون (2)

شمشيرالحيدري جي حوالي سان چيو ويو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان سڀ کان پهرين جماعت ڪراچيءَ ۾ سن 1956ع ڌاري ٺهي. 1947ع واري لڏ پلاڻ سان هي سنگت خود بخود ختم ٿي وئي، ان بعد 1952ع ۾ نورالدين سرڪي ۽ عبدلغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان اها سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي (ادل سومري جو مضمون) ، پر نورالدين سرڪي هڪ انٽرويو ۾ ۽ مختلف پروگرامن ۾ چيو هو ته 1947ع ۾ صرف هڪ گڏجاڻي ٿي هئي جيڪا سنڌي ادبي سرڪل جي نالي ٿي هئي (انٽرويو سنڌ ٽي وي) ان وقت سنڌ ساهته به هئي. جمال ابڙو جو رايو آهي ته سنگت جو قيام ورهاڱي کان پوءِ ٿيو آهي. (ادل سومرو جو مضمون) رشيد ڀٽي مطابق 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار ملڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وجھڻ سان گڏوگڏ انجمن ترقي پسند مصنفين تي به روڪ وجھي ڇڏي، ڪراچيءَ ۾ موجود ترقي پسند سنڌي اديبن، جن مان اڪثريت نوجوان شاگردن جي هئي، هڪ جماعت سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. احسان بدوي مرحوم سنگت جو پهريون سيڪريٽري، مرحوم عبدالغفور جوائنٽ سيڪريٽري هو. (رشيد ڀٽي، مهاڳ، خط، انٽرويو تقريرون 1987ع ص43) تاج بلوچ مطابق سنگت پنهنجي انهيءَ نالي ۽ تظيمي صورت ۾ پوءِ آئي (نئين زندگي آڪٽوبر 1968ع) نورالدين سرڪي مطابق 53-1952ع ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت نالي سان صرف هڪ شاخ ٺهي، جنهن جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾ ٿينديون هيون ۽ پوءِ آهستي آهستي سنڌ جي ڪجھ شهرن ۾ پنهنجي طور آزادانه (انڊپينڊنٽ) خودمختيار، ادبي سنگتن جو الڳ الڳ شاخون کلنديون ويون، جيڪي ڪنهن به نموني سان پاڻ ۾ سلهاڙيل نه هيون، هر شاخ آزاد شاخ هئي، جن جو پنهنجو فيصلو هوندو هو (شمشيرالحيدري ۽ راقم معروف سان ميٽنگ ۾ اظهار).

انهن سڀني راين کي نظر ۾ رکڻ گھرجي، پر اڃان وڌيڪ چٽو ثبوت جنهن کي سنگت جي قيام جو مڪمل دستاويز چئي سگھجي ٿو. اها ٽماهي مهراڻ جي 1956ع واري ٽئين شماري ۾ ڇَپيل رپورٽ آهي، جنهن کان پوءِ وڌيڪ دليل ۽ شڪ جي گنجائش ئي نه ٿي رهي، رپوٽ جو عنوان آهي: سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن (ڪراچي 17 آڪٽومبر 1956ع) هن رپورٽ مطابق وقت جي حالتن ۽ گھرجن کي ڌيان ۾ آڻڻ سان هيءَ ضرورت عام محسوس ٿيڻ لڳي ته سنڌ جون جدا جدا سنگتون گڏجي يڪجهتيءَ سان ڪم ڪن ته منزل مقصود جلد ماڻي سگھبي، نيٺ اپريل 1956ع ۾ ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي جدا جدا سنگت جا عيوضي اچي لاڙڪاڻي ۾ ڪٺا ٿيا، ميڙ ۾ مرڪزي جماعت برپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪري سنڌ سنگت کي هستيءَ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ تنظيمي ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي. ڪاميٽيءَ کي سنڌ سنگت جي جوڙ جڪ ٺاهڻ، جدا جدا سنگتن کي مرڪزي جماعت جو ميمبر بڻائڻ ۽ سنگتن جي عيوضين جي ڪنوينشن سڏائڻ جو ڪم سونپيو ويو، ڪراچي سنگت جي دعوت تي فيصلو ڪيو ته سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن ڪرچيءَ ۾ سڏائي وڃي. هيءَ ڪنوينشن آچر 17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ۾ گڏ ٿي ۽ ان ۾ سنڌ جي جملي ٻارنهن سنگتن پنهنجا ڪل 33 عيوضي موڪلي شرڪت ڪئي، جن جا نالا هي آهن: جمال ابڙو شڪارپور، عبدالفتاح عبد لاڙڪاڻو، غلام سرور عباسي، حسام الدين هڪڙو، علي انور گوپانگ، محمد ايوب انصاري (قمبرعلي خان)، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي (سکر)، عبدالغفور بلوچ، شيخ حفيظ (خيرپورميرس)، معصوم هالائي، برده سنڌي(نواب شاه)، محمد علي اختر مورائي (مورو)، ع.ق شيخ، شمشيرالحيدري، حسن علي نذير، مقبول ڀٽي(حيدرآباد)، قادربخش زيب، غلام نبي بهراڻي، پروانو ڀٽي، اختر رضوي (ٽنڊومحمد خان)، ابن حيات پنهور، جمالالدين ڪوهستاني، غلام مصطف‍ى، محمد حسن (جھمپير)، عبدالله رنگريز، محمد قاسم ميمڻ، سيد قمرالحسن، عبدالرحمان (ميرپور بٺورو)، احسان بدوي، نورالدين سرڪي، موتيرام رامواڻي ۽ اياز قادري (ڪرچي).

 (هلندڙ)