سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مختصر تاريخ
حصو پهريون (3)

رٿيل پروگرام پٽاندڙ ڪنوينشن جي پهرين بيٺڪ پوري وقت تي، سنڌ مدرسي ڪراچي جي ڪامن روم ۾ ٿي، بيٺڪ جي صدارت سنڌ جي مشهور فنڪار ع.ق شيخ ڪئي. ان موقعي تي تنظيمي ڪاميٽي جي سيڪريٽري اياز قادري تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل ادبي سنگتن جي تنظيم واسطي اچي ڪٺا ٿيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ ادبي ذوق رکندڙ دوستن 1952ع ۾ پهريون دفعو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو، ائين ٿيندي ٿيندي سنڌ ۾ گھڻو ڪري سڀني مکيه شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ادبي سنگتون برپا ٿيون. ڪيترن ئي هنڌن تي خيال ۽ عمل جي هڪجھڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي قائم ٿيل ادبي جماعتن به پنهنجا پنهنجا نالا بدلائي هن نئي ادبي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ٿوري ئي وقت اندر اهي ادبي سنگتون پنهنجي ڪم سبب ڪافي مقبول ٿي چڪيون آهن. گذريل سال ڏيڊ ۾ سنڌي ادبي سنگتن پنهنجي پنهنجي توفيق آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاص خدمت ڪئي آهي. انهيءَ ۾ خاص طور سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪو تحرڪ ادبي سنگتن هلايو سو تعريف جي قابل آهي ۽ حيدرآباد سنگت طرفان هلايل صحيحن واري هلچل سنڌ ۾ جدا جدا سنگتون قائم ٿيڻ کانپوءِ اڪثر سنگتن کي خيال ٿيو ته ڇو نه انهن ٽڙيل پکڙيل ادبي سنگتن کي هڪ لڙهه ۾ پوئجي، انهيءَ خيال کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ سال 1956ع اپريل جي مهيني ۾ ارڙهين سنڌي ڪانفرنس جي موقعي تي لاڙڪاڻي ادبي سنگت جي ڪوٺ تي جدا جدا سنڌي ادبي سنگتن جي نمائندن جو هڪ ميڙ ڪٺو ٿيو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تنظيمي ڪاميٽي جو بنياد رکيو ويو، ان موقعي تي هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

جنرل سيڪريٽري اياز قادري
جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري
خزانچي موتيرام رامواڻي
آڊيٽر ع.ق شيخ

عهديدارن جي چونڊ کانپوءِ ڪاروباري ڪاميٽي تي هيٺيان 14 (چوڏهن) ميمبر چونڊيا ويا: بشير مورياڻي، عبدالفتاح عبد، غلام سرور عباسي، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شيخ حفيظ، معصوم هالائي، محمد علي، اختر مورائي، مقبول ڀٽي، غلام نبي بهراڻي، ابن حيات پنهور، عبدالله رنگريز، احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪي. هن رپورٽ ۾ حيدرآباد ادبي سنگت، لاڙڪاڻو ادبي سنگت، ڪراچي ادبي سنگت، جو حوالو بذات خود ان جي خود مختياري کي ظاهر ڪري ٿو.

رهيو سوال گوبند مالهيءَ جي انٽرويو جو، سو جنهن وقت گوبند مالهي صاحب ڪراچي آيو هو، ان وقت وڏي عمر جو هو ۽ هلندي هلندي انٽرويو وقت اڪثر تاريخون هيٺ مٿي ٿي وينديون آهن، جو هر ماڻهوءَ سان ڊائري ساڻ ناهي هوندي، ان ڪري هڪ راءِ کي وٺي، ٻين راين کي رد ڪرڻ لاءِ به دليل هئڻ گھرجي، اياز قادري، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، تاج بلوچ سنگت جا سيڪريٽري جنرل به رهيا آهن. نورالدين سرڪي ۽ جمال ابڙو سنگت کي ٺاهڻ وارن مان هئا، انهن جي راءِ وڌيڪ مستند آهي. اهو ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ وجود ۾ نه آئي هئي. جيڪڏهن اها ڳالهه قبول ڪجي به ته، اڳ اهي الڳ آزاد ۽ خودمختيار ادبي سنگتون هيون، جن کي 1956ع ۾ مرڪزي حيثيت الحاق رکي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ويو. ادبي سنگت جي نالي جا به ڪيترا باني لکيا ويا آهن، پر حقيقت اها آهي ته هي نالو پهريون ڀيرو علامه عمر بن محمد دائود پوٽي پنهنجي لکيل خط ۾ جنهن جو عنوان ئي ادبي سنگت آهي، جيڪو 31 آگسٽ 1945ع ۾ لکيو ويو ۽ ٽماهي مهراڻ جي 3- 4 شماري 1965ع ۾ ڇپيو آهي.   (هلندڙ)