سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مختصر تاريخ
حصو پهريون (1)

سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ نه ته ڪو ابهام آهي ۽ نه ئي ڪو تڪرار تاريخون برابر پنهنجي مرضي ۽ خواهشن مطابق لکرايون ويون آهن ۽ لکرايون وڃن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو تاريخ نويس ۽ مريض نويس ۾ وڏو فرق آهي.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تاريخ واضح ۽ چِٽي آهي، ان تاريخ سان واڳيل اڃان به ڪيتريون هستيون زندهه آهن پر خبر ناهي پوءِ به ان کي ڇو ٿو متنازعه بڻايو وڃي. دراصل هي سڄو مونجھارو ادل سومري پيدا ڪيو آهي، جنهن اخباري ڪٽنگس ۽ حوالن تي سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کي غلط پيش ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ته 1947ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کي غلط پيش ڪيو ويو آهي. اها به حقيقت آهي ته 1947ع ۾ سنڌي ادبي سرڪل نالي سان هڪ ادبي جماعت جي صرف هڪ گڏجاڻي ٿي هئي، ان کان پوءِ پاڪستان هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ان لڏ پلاڻ ۾ اسان جا بزرگ هندو اديب هندستان هليا ويا ان وقت سنڌي ادبي سنگت نالي ڪابه ادبي جماعت نه هئي، ادل سومري پهرين سيپٽمبر 1992ع تي گوبند مالهيءَ جي جنهن خط جو حوالو ڏنو آهي جيڪو پڻ سنڌي ادبي سرڪل جو حوالو آهي، جنهن ۾ عهديدار طور آسانند مامتورا صدر، پروفيسر ايم يو ملڪاڻي نائب صدر، شيخ اياز بهاري ڇاٻڙيا جنرل سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي ۽ شايد عبدالرزاق بيان ڪيا ويا آهن.

هاڻي جيڪڏهن گوبند مالهيءَ کي اهو يادگيرو به نه هو ته عبدلرزاق راز ميمبر هو يا نه! ته پوءِ ٻيون ڳالهيون به چٽي طرح ياد نٿيون ٿي سگھن ٻيو ته گوبند مالهي جڏهن 1990ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا پاران ڪوٺايل بين الاقوامي سچل سيمينار ۾ آيو هو ته هو بزرگ هو، هونءَ به انٽرويو ڏيڻ وقت تاريخون ياد نه هونديون آهن. انٽرويو تحقيق لاءِ نه پر راءِ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ۽ هڪ انٽرويو جو حوالو مستند نه به ٿي سگھي ٿو. ان جي برعڪس ادل سومري جو مضمون به ذات طور تضادن جو شڪار آهي، هو پاڻ انڪار ۽ اقرار جي وچ ۾ بيٺو آهي. ساڳئي پنهنجي مضمون ۾ اياز حسين قادريءَ جو حوالو پڻ آهي ، جنهن ۾ اياز حسين قادريءَ سال 1993ع ڏني رام بلڊنگ ڪراچي ۾ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته جيتري قدر مون کي ياد ٿو پوي ته پاڪ هند واري ورهاڱي کان اول سنڌي ادبي سنگت نالي ڪا به جماعت نه هئيهلندڙ