صنف   ترائيل جي وصف

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکڻ ـسيکارڻ (شاعري) > ترائيل سکيا

ترائيل:هي فرينچ ٻوليءَ جي صنف آهي.  اٿس، ترائيل ۾ ڪل اٺ مصراعون هونديون آهن. تن مان هڪ ئي ساڳي مصرع ڪل ٽي ڀيرا ورجائبي آهي. سنڌي سانيٽ ۽ ترائيل کي هائيڪو جهڙي ۽ آزاد نظم جهڙي مقبوليت حاصل نه ٿي آهي، تمام ٿورن شاعرن سنڌي ترائيل لکيو آهي. نارائڻ شيام جي مجموعي ”روشن ڇانورو“ ۾ ترائيل ملن ٿا. ”دک ڀريل گيت ۾ پڻ آهي ڀريل ڪوئي ميٺاس“ ، نارائڻ شيام ترائيل جي صنف جو باني سڏيو ويندو آهي. هري دلگير جا ترائيل سنڌي جديد شاعريءَ ۾ تمام اهميت جا حامل آهن، پاڻ ترائيل جي صنف جي بانين مان آهي، هري ڪانت ”پره کان پهرين“ ترائيل جو مجموعو ڇپيو. استاد بخاريءَ
اياز گل  امداد حسيني، هري ڪانت، هري دلگير، نارائڻ شيام، انور پيرزادو، تنوير عباسي، ۽ شيخ اياز شامل آهن.
سانيٽ ۽ ترائيل تي ڪجهه گهٽ ڪم ٿيو آهي، ان جي باوجود به سنڌي جديد شاعري ترقيءَ جي راهه ڏانهن گامزن آهي.

*******
پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ تان ورتل

.
(اي اوطاق جي ٿورن سان
.
 

 

ترائيل ۾ ڪل اٺ مصراعون هونديون آهن. تن مان هڪ ئي ساڳي مصرع ڪل ٽي ڀيرا ورجائبي آهي.

وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن،
ڀلا ڪير ٿو چئي، پڪاريو اسان کي،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،
اميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگ آهن.
                        (اياز گل)
 

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛ اکر يا لفظ اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

  لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو