سنڌ ڪائونسل سيپٽمبر اجلاس 2016
   

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾  سنڌي ادبي سنگت شاخ جلباڻي جي سيڪريٽري ۽ سينئر شاعر حاجي عبدالله شاد جلباڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾  سڄي ايوان ماتلي شاخ جي ڪائونسلر طارق تولڪل لغاري جي قرارداد تي موجوده سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان خلاف هلندڙ پروپئگنڊا جي مذمت ڪئي وئي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ خلاف پروپئگنڊا کي سنڌي ادبي سنگت جي توهين  قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي جي اڻ اعلانيل خاتمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ اسميبلي ۽ سنڌ ڪابينه جي اجلاسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو وڃي ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ واري سنڌ حڪومت جي اعلان تي عمل ڪرايو وڃي. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت چونڊڪو شاخ، خانواهڻ،  جهرڪ، پيارو اسٽيشن کي پڪو الحاق، پڪا چانگ ۽ درٻيلو شاخن کي ڪچو الحاق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ عورت جوائنٽ سيڪريٽري وارو عهدو ايندڙ چونڊن تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  اجلاس ۾ ميهڙ شاخ جي سيڪريٽري انور آزاد ڪانڌڙو پاران  سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل خلاف ڳالهايل گٿن لفظن تي سڄي ايوان کان معافي ورتي. اجلاس کي خطاب ڪندي حاجي عبدالله شاد جلباڻي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ڪنهن جي به ذاتي جاگير ناهي پر ڪارڪنن جي ماءُ آهي ۽ ان خلاف جيڪو به سازش ڪندو ڪارڪن ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا. هن چيو ته آئين ۾ آهي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جو اڳواڻ آهي ان ڪري ان جي توهين ڪرڻ سنڌي ادبي سنگت جي توهين ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته غلطين جي نشاندهي ضرور ٿيڻ گهرجي پر ان خلاف  اجائي واويلا بند ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي، علم ادب جو سگهارو آواز  آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي، علم ادب، ثقافت لاٰءِ جيڪو آواز اٿاريو آهي اهو تاريخي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته سنڌي ادبي سنگت جڏهن بهتر رخ ۾ ڪم ڪندي سنڌي ادب، ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ شخصيتن کي سندن زندگيءَ ۾  مان ڏيڻ ۽ ڪارڪنن کي عزت ڏيڻ  شروع ڪئي آهي ته سنگت ۽ سندس خلاف سازش تحت الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته جيڪي ڌريون الزام هڻي رهيون آهن انهن بابت ايندڙ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ هو راز فاش ڪندو. هن چيو ته هن ڪڏهن به شاخن ۾ عهديدار چونڊڻ واري معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪئي. نه وري ڪي بوگس شاخون  قائم ڪيون آهن شاخون اهي ئي آهن جيڪي کين اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن وٽان مليون آهن. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي خوار ڪرڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته کيس سرڪار جو حمايتي سڏيندڙ هر دور ۾ سرڪاري عهدن توڙي ڊيپوٽيشن تي غلط طريقي سان مزا ماڻي سرڪاري خرچ تي تقريبن ۾ شرڪت توڙي ميلا ڪميٽين جون اسٽيجون سنڀالڻ جو ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي به وزير اعليٰ سان سڀ کان اڳ ۾ هو ئي ملاقاتون ڪري رهيا آهن. يوسف سنڌي خطاب ڪندي چيو ته سيڪريٽري جنرل کان مدي کان اڳ استعيفا گهرڻ غير قانوني آهي جڏهن ته سنگت جي ٽرسٽ فضول شئي آهي جيڪا اديبن کي ويڙهائي ڇڏيندي. اجلاس ۾ ضلعي رابطه سيڪريٽرين مظهر خاصخيلي، عرس اوٺو، مسافر لاکو، بهادر رند، خطائي ٿيٻو، ستار  هليو، خطائي ٿيٻو، اعظم ڀٽي، گهايل لغاري، خاڪي جاني، آغا ظفر  ۽ ٻين ضلعن جون رپورٽون پيش ڪيون. جڏهن ته سنگت جي ڪارڪن ممتاز مصطفيٰ پاران سنگت جي ٺاهيل ويب سائيٽ کي ساراهيو ويو.  اجلاس ۾ ڪوٽڙي شاخ جي غلام رسول غرق پاران سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان توهين آميز پوسٽون رکڻ تي ايوان ۾ اتفاق راءِ سان سندس تاحيات ميمبرشپ ختم ڪندي شاخ جي ٻين معاملن تي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پريل دايو، خزانچي ذوالفقار گاڏهي، آڊيٽر فقير محمد انڙ ۽ پريس ترجمان زاهد راڄپر شرڪت ڪئي.

 

زاهد راڄپر

مرڪزي پريس ترجمان سنڌي ادبي سنگت (سنڌ)

03002845176