سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم 2018 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز طرفان اعلانيل سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍڻ، مشاعره ۽ ٻيا پروگرام ڪيا ويا. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سهڪار سان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن نثار تنيو ۽ جاويد ساغر خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. سنڌي ادبي سنگت شاخ چيچڙو پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي شاخ جي سيڪريٽري گلزار ساگر، ڪائونسلر محمد علي، ضلعي رابطا سيڪريٽري ذوالفقار ڪورائي ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ساٿين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ٻولي جي حق ۾ نعرا درج ٿيل هئا، انهيءَ موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، وحدت ۾ شامل قومن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. سنڌي ادبي سنگت شاخ اسٽيشن پليجاڻيءّ طرفان سنڌي. ٻولي قومي ٻولي مھم جي سلسلي ۾ ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا سنڌ سنگت آفيس پليجاڻي کان شروع ٿي ۽ مک بازار مان گشت ڪندي ريلوي پليٽ فارم وٽ پھتي. جتي س. ا. س ضلع مٽياري جي رابطا سيڪريٽري اداس سولنگي، شاخ پليجاڻي جي سيڪريٽري سيد امداد ساعش بخاري، نامياري شاعر غلام حيدر خاصخيلي، تعليمي ماھر محترمہ ياسمين ميمڻ، عبدالجبار زرداري ۽ ٻين ريليءّ کي خطاب ڪندي ڄيو تہ سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولي آھي. جنھن کي پنھنجي ڌرتي، ثقافت تھذيب ۽ صورتخطي آھي ان کي ۽ پاڪستان جي ٻين قومي ٻولين کي قومي ٻولي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي جنھن سان نفرتن جو خاتمو ايندو. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌودرياء تي اڏجندڙ تڪراري ڊيمن جي اڏاوت وارا منصوبا ھڪدم بند ڪري سنڌو جي ڊيلٽا کي تباھيءّ کان بچايو وڃي. سنڌ صوبي جي تمام سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙھائي وڃي. س. ا. س شاخ پليجاڻي جي ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ شاگرد گل شير ٽڳڙ جيڪو ڪجھ مھينا پھرين نامعلوم ماڻھن طرفان کنڀيو ويو ھو ان کي ھڪدم بازياب ڪري ظاھر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ريليءَ کي نوجوان شاعر عاجز ڇٽو، امجد شھوڪ، شوڪت ٻاٽي، محمد ھاشم ٻاٽي، ايم اسلم آرائين، نور محمد پھوڙ، مھراب ٻاٽي، مٺو ٿيٻو، ناز ڪريم بخش سولنگي، ارشاد علي شاھ، نظر محمد نائچ، ولي محمد ڀان، مولابخش پھوڙ، ڊاڪٽر محمد پليجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ پيروسڻ ۽ کرڙاهه پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي تي ليڪچر ۽ مشاعرو ٿيو. ناليواري شاعر غلام علي عامر ٻوليءَ تي ليڪچر ڏنو ۽ صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتي ڪئي. مشاعري ۾ ناليوارن شاعرن جن ۾ ساقي بڙدي، اعجاز عامر، منظور سنڌي، مرتضيٰ ڦل، خليل عامر، مهتاب سهتو، ڄام محبوب، شفيع الله سهتو، غلام عباس خاصخيلي، صدام سنڌي، ساجد سنڌي، امير حمزو، ڊاڪٽر مرتضي جمالي، امتياز بڙدي، استاد احسان جمالي، استاد محمد اسماعيل عامر، مراد علي مري، عزيز منڱريو، عنايت پنهيار، استاد شريف سومرو، استاد الاهي بخش شر، زاهد مجيداڻو، عادل مظفر شر، غلام فريد، استاد اسحاق لاشاري ۽ ٻين شاعرن ٻوليءَ بابت پنهنجون نڪور ڪوتائون پيش ڪري ٻوليءَ سان محبت جو اظهار ڪيو. سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ طرفان سنڌي ٻولي قومي جي سلسلي ۾ ڪيئي صديون قديم سنڌي ٻولي جي عنوان تي ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ ماهر لسانيات پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي ليڪچر ڏنو. پروگرام ۾ شاخ جي ڪائونسلر عاجز امتياز نوحپوٽو، آڊيٽر نديم انڙ، خزانچي عزيز ڀنڊ، محرم کوکر، مظھر شاه، الطاف نوحپوٽو، پرويز ڀنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ذوالفقار جلباڻي چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ٻولين مان هڪ آهي جيڪا انتهائي ڏکين دورن مان گذرڻ باوجود به پنهنجو پاڻ برقرار رکيو ٿي اچي. هالاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ٻولين جي اهميت تي ليڪچر پروگرام ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو ڪئي ان موقعي تي شاعر غلام رسول ناطق ڪمبوه ليڪچر ڏنو ۽ چيو ته قومون ٻولي، ڌرتي ۽ ثقافت جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ قائم رکنديون آهن. سنڌي ٻولي ان ڪري اڄ به زنده آهي جو ان کي پنهنجي ڌرتي، ثقافت آهي. سنڌي ٻولي دنيا جي شاهوڪار ٻولين مان هڪ آهي جيڪا ٻين ٻولين جا لفظ به حذف ڪري ٿي. تقريب کي شاعر اقبال گاڏهي، شاعر شريف سومرو، شاعر تنها سخاوت، پريس ڪلب هالاڻي جي صدر غلام مصطفيٰ مغل، طارق جان سهتو ۽ آزاد منظور پڻ خطاب ڪيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي احسن ابڙو، امان الله ٻٻر، همدرد اوڏ، ممتاز باڊاهي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير جو سنڌي شاگردن پاران سنڌي نه پڙهڻ وارو بيان افسوس جوڳو آهي. هنن چيو ته سنڌ جا حڪمران مادري ٻوليءَ کي پنهنجو بنيادي حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جنهن ڪري سنڌي ماڻهو ايندڙ چونڊن ۾ سياسي پارٽين جي اميدوارن آڏو سنڌي ٻوليءَ بابت آواز اٿارين ۽ سياسي پارٽين کي مجبور ڪن ته هو پنهنجي منشور ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو نقطو شامل ڪرائين. هنن چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد پاران سنڌ سنگت جي آفيس ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ ضلع جي ناليوارن شاعرن سومرو شبير، وفا عزيز حامي، جي ايم مستوئي، شبير موج، عمران جمالي، عباس سارنگ، عاجز شهزاد، عبدالشڪور عبد ۽ ٻين پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ انهن جو بنيادي حق آهي جيڪو رياست تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي