نواب شاه ضلعي جي شاخن جو گڏيل اجلاس 

نواب شاه ضلع جي اجلاس ۾ مرڪز شريڪ

قاضي احمد (پ ر) 
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال , جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر , آڊيٽر ,ڄام محبت سهتو ,ساس ضلعي شهيد بينظير آباد جي تنظيمي دوري تي قاضي احمد پهتا جتي , ساس ضلعي شهيد بي نظير آباد جون سمورين شاخن جا عهديدار پڻ پهتل هيا ,سڀ کان اول ضلعي رابطه سيڪريٽري ضلع شهيد بينظير آباد شتاب زرداري آيل مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ ان بعد اجرڪن جا تحفه پيشڪيا ,,ان موقعي تي سڀني شاخن جي عهديدارن پنهنجي پنهنجي ڪاڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ لکت ۾ جمع ڪرائي ,ان موقعي تي نيوز ليٽر ۽ پبليڪيشن بابت محترم يوسف سنڌي اجلاس کي بريفنگ ڏني جڏهن ته ممتاز مصطفي دوست سنڌي ادبي سنگت جي ويب سائيٽ متعلق بريفنگ ڏني , جڏهن ته سنگت روح رهاڻ واٽس اپ گروپ جي ايڊ من غلام حيدر عمران پڻ لائيو مشاعرن بابت تفصيل ٻڌايا, جڏهن ته ڄام محبت سهتي , زاهد راڄپر پڻ اجلاس سان مخاطب ٿيا , آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جا سڀ ڪارڪن متحرڪ هجن , ۽ هر اديب رائيٽر ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ هجي , ان لاء ضروري آهي ته اسان پنهنجن شاخن ۾ ادبي ڪلاس هلايون ۽ان ۾ شرڪت ڪيون ,ڪجه سکون ۽ ڪجه سيکاريون , تڏهن اسان دنيا جي ادب جو مقابلو ڪري سگهنداسين ,ويب سائيڊ کي اپ ٽيڊ ڪري پنهنجو سرگرميون پنهنجو مواد , پنهنجا ڪتاب اپلوڊ ڪري دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين۽ هن وڌيڪ چيو ته ضلعي شهيد بي نظير آباد جون شاخون سواء هڪ اڌ جي بهتر ڪم ڪري رهيون آهن اميد آهي ته سنڌي ادبي سنگت جون سموريون شاخون پنهنجي مزاج مطابق ڪم ڪنديون رهنديون ,,