سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس/ 9 جنوري 2022ع FB_IMG_1641828245057.jpg

سنڌ ڪائونسل اجلاس آغا جان آعا جي صدارت ۾

سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس آغا جان آغا جي صدارت ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيو, اجلاس جي شروعات شاهه لطيف جي وائي, عاشق دادوي جي آواز سان ڪئي وئي, مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايي سيڪريٽري جنرل جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي, جڏهن ته مرڪزي خزانچي نعيم ملڪ, خزانچي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ خرچن جا تفصيل ڄاڻايا,جن رپورٽن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي پيش ڪيل رپورٽن جي متفقه طور منظوري ڏني وئي.

 سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ويب سائيٽ جي حوالي سان سنڌ ڪائونسل ويب سائيٽ جي متفقه طور منظوري ڏيندي, ويب سائيٽ کي هلائڻ, جاري رکڻ ۽ ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ذميداري دادو ضلعي جي رابطه سيڪريٽري ممتاز مصطفي' دوست حوالي ڪئي.

 سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ متفقه طور مٽياري شاخ, ڪشمور شاخ, الھڏنو عامر شاخ, بخشاپور شاخ, تنگواڻي شاخ, پپري شاخ, سچل ڳوٺ شاخ, کورواهه شاخ, سعدي موساڻي, قمبر سٽي شاخ کي پڪو الحاق ڏنو ويو,

 جڏهن ته ڪرمپور شاخ, گلشن معمار ۽  پڊاڻي شاخ کي ڪچا الحاق ڏنا ويا.

اجلاس ۾ جعلي شناختي ڪارڊن ۽ ڪۡوڙن ڊوميسائيلن خلاف متفقه طور قرارداد منظور ڪئي وئي.

 پهرين فيبروري کان ايڪويهين فيبروري تائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي  مهم ڀرپور نموني هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو, سنڌي ٻولي قومي ٻولي  جاڳرتا مهم جي حوالي سان ريلين, مشاعرن, مذاڪرن ۽ ڪانفرنس سميت مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون, ٻولي جي بگاڙ جي حوالي سان سنڌي ٻولي جي صحيح لکڻي ۽ پڙهڻي  بابت اخبارن سميت ميڊيائي ادارن سان لکپڙهه ڪري, ان تي عمل لاء وفد جي صۡورت ۾ ادارن سان رابطا ڪيا ويندا. ان سان گڏوگڏ فيبروري ۾ قومي ٻولي ڪانفرنس سڏائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

 صدر آغا جان آغا خطاب ڪندي چيو اسانکي ان انا واري آئون ۽ مان منجهان نڪرڻو پوندو. اسانکي بي عمل ادبي وڏيرن مان جان آجي ڪرائي, سرگرم اديبن ۽ ادبي ورڪرن کي اڳيان آڻڻو پوندو, اسان کي پنهنجي لاء نه پر سنڌي ادبي سنگت, سنڌي ٻولي ۽ ادب لاء جيئڻ گهرجي. اسانجو ڪم محبتون ورهائڻ آهي, اسانکي سنڌ جي خاطر, سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاطر سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي, الڳ ديڳڙين سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي, اسان جيڪي ڪجهه آهيون سنڌي ادبي سنگت جي ڪري آهيون, ڌڙابندي ڏاڍي تڪليف پهچائي ٿي, آئون چوان ٿو اچو گڏ ٿيو, هڪ ٿيو, اسان سڀ پنهنجا عهدا ڇڏڻ لاء تيار آهيون. اسانکي اسٽيجن تي ويهي جهڳڙا ڪرڻ, ڄۡنڊاپٽ ڪرڻ واري روايت مان هٿ ڪڍڻا پوندا. ھن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ جيڪي به قراردادون منظور ٿيون آهن, سڌ ڪائونسل جي ايجنڊائن تحت جيڪي به فيصلا ڪيا ويا آهن, اهي سڀ متفقه طور فيصلا ٿيا آهن, جن جي روشني ۾ سڀني جي گڏيل راء جو احترام ڪندي اسانکي انهن فيصلن تي ڀرپور عمل ڪرڻو پوندو.