مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس ۾ ڪيل فيصلا 

اجلاس ۾ شريڪ اديب

قاضي احمد (پ ر) 
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس قاضي احمد ۾ رئوف پارس دايو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ اندر پاڻيءَ جي سخت کوٽ، پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ جي نالي ۾ ڪالاباغ ڊئم سميت سنڌوءَ تي ٻيا ڊئم اڏڻ جو راڳ آلاپڻ جي سخت لفظن ۾ نندا ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پئدا ڪري سنڌ کي سڪايو پيو وڃي ۽ ڪالاباغ ڊئم سميت ٻين ڊئمن جي اڏاوت لاءِ راهه هموار ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ٺهراءُ بحال ڪندي سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ پاران مفصل سنڌي لغت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تي افسوس جو اظهار ڪندي لغت جي شعبي کي جاري رکڻ ۽ مفصل سنڌي لغت جو ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنرس جي مقرري جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري اڪبر لغاري پاران پنهنجا نوازي، اقرباپروري ۽ هٺ ڌرميءَ جي مذمت ڪندي فوري طور تي سيڪريٽري کي هٽائي غير جانبدار سيڪريٽري مقرر ڪرڻ ۽ موجوده سيڪريٽريءَ پاران ڪيل ڪرپشن جي اعليٰ سطحي جانچ ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي تاريخي ورثن جي بدحالي تي ڳڻتي ظاهر ڪرڻ سان گڏ گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ اڪري جي سيڪريٽري امير حيدر شر خلاف داخل ڪرايل دهشتگردي ايڪٽ جو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ هند جي نامياري سنڌي شاعره ڪلا پرڪاش ۽ قومپرست اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي مقصد ادبي ڪلاس باقاعدگيءَ سان هلائڻ آهي ۽ اها ئي سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت آهي ان ڪري شاخن کي فوري طور تي ادبي ڪلاس شروع ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي شاخون ادبي ڪلاس نه ٿيون هلائي سگهن انهن شاخن جو هاڻي ڪو به ڪارج ناهي رهيو. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت نه رڳو ادب پر سنڌ جي حقن، پاڻي، ناڻي، وسيلن، ٻولي جي مالڪي ڪندڙ تنظيم آهي. هن چيو ته افسوس آهي جو ملڪ جا ٽي صوبا ڪالاباغ ڊئم کي رد ڪري چڪا آهن پر ان باوجود به پاڻيءَ جي کوٽ جو بهانو ڄاڻائي ڪالاباغ ڊئم جو رينگٽ آلاپيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سان سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي سنڌي ادبي سنگت پاڻ نڀايو آهي ۽ نڀائيندي رهندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ خزانچيءَ جي رپورٽ کي منظور ڪندي سنڌي ادبي سنگت کي ٽوڙڻ جي سازش ۾ ملوث ميمبرن احمد سولنگي، تاج جويو، آزاد انور ڪانڌڙو، بخشل باغي، پريم پتافي، رجب آزاد جي بنيادي ميمبرشپ خارج ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ڄاڻايل ميمبرن کي آئين موجب نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر انهن ڄاڻايل مدي تائين ڪوبه لکت ۾ جواب نه ڏنو. اجلاس ۾ لاڙڪاڻو سٽي، حيدرآباد سٽي، سنڌڙي ٽائون ڄامشورو، دادو سٽي، ٽنڊو حيدر، خير محمد جروار، پپري، سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ قاسم آباد حيدرآباد شاخن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پڪا الحاق ڏنا ويا. صدارتي خطاب ڪندي رئوف پارس دايو چيو ته سنڌي ادبي سنگت تحريڪي، تخليقي ۽ تعميري ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ لاءِ حالتون انتهائي هاڃيڪار ٿينديون پيون وڃن ۽ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي اديبن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ سميت ملڪ جي 4 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي جدوجهد مثالي آهي ۽ هن وقت پر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سگهارو آواز آهي. اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف، خزانچي عرس اوٺو، آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، يوسف سنڌي، حاجي عبدالله شاد جلباڻي، امين لاکو، اداس سولنگي، گهايل لغاري، ممتاز مصطفي دوست ٰ، نبي بخش ناز، فقير محمد انڙ، محمد علي ميرجت، ممتاز سيال، شتاب زرداري، فدا سنجراڻي، ضمير سهتو، لالڻ چنه، ذوالفقار ڪورائي، پريل دايو، راهب ملاڻو، سڪندر اوڳاهي، سڪندر جروار، سيد مختيار علي شاهه، شبير لغاري 'برڪت ملڪ، غلام مصطفيٰ تڳر، امام بخش مشوري، ارباب ملاح، شريف سومرو، محبوب ڏيپر، ذوالفقار جلباڻي، ملهار سنڌي، اصغر باغي، برڪت ملڪ، خليل چانڊيو، صائب ميمڻ، نعيم ملڪ، خاڪي جاني، سفير نظاماڻي، نياز جوکيو، مير ٽڳڙ، رياض ڏاهري، سارنگ ڪالادي، رضا ڏاهري سميت سنڌي ادبي سنگت جي 65 کان وڌيڪ شاخن جي سيڪريٽرين ۽ 14 ضلعن جي ضلع رابطه سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ٻه ماهي تخليقي ۽ تحقيقي مئگزين سنگت جو مهورت پڻ ڪيو ويو جيڪو مرڪزي عهديدارن ۽ ضلع رابطه سيڪريٽرين ڪيو. اجلاس ۾ واٽس اپ گروپ سنگت روح رهاڻ نالي جي منضوري ورتي وئي جنهن ذريعي  چيٽ،مشاعرو، خبرون شآيع ڪيون وينديون
قادر جاگيراڻي