سنڌي
ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي حيدرآباد__فيصلا
حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي حيدرآباد ۾ ٿي گذري. طويل بحث مباحثي بعد طئي ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت کي عام رواجي ۽ روايتي ڌٻڻ مان ڪڍي جديد دور جي تقاضائن تحت هلائڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ سنگت کي دنيا جي ننڍڙي ڳوٺ( Global village) سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سنگت يوٽيوب جي قيام سان گڏ، سنڌ سنگت پيج تان مختلف ٻولين جي ماهرن ۽ دنيا ۾ ويٺل سنڌين جي مدد سان مختلف هنرن( Skills)تي ليڪچر ڏياري سنگت جي تربيتي ڪم کي وڌايو ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌ اسڪلڊ اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام جي دوستن سان ڪافي ڳالهيون طئي ٿي چڪيون آهن جلد ئي ٻنهين تنظيمن وچ ۾ معاهدو پڻ ڪيو ويندو. سماجي فورم جن ۾ فيسبوڪ پڻ اچي وڃي ٿو ان تي هفتيوار سنگت ريڊيو پروگرام هلايو ويندو جنهن جي ذميواري سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال ۽ ڊاڪٽر آزاد منگي کي ڏيڻ جو طئي ڪيو ويو. سنڌ سنگت ويب سائيٽ جو ڪم ممتاز مصطفي دوست جي حوالي ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ هر ٽن مهينن اندر توسيعي ليڪچر( Extension lectures) جو بندوبست ڪري بدامني، دهشتگردي، انتها پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ ادب، آرٽ، شاعري، موسيقي جي اهميت ۽ ڪردار بابت سنڌي سميت ٻين ٻولين جي ٻولي ماهرن توڙي ٽيڪنوڪريٽس کي گهرايو ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻولي، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جو سهڪار پڻ ورتو ويندو. سنگت پيج ۽ يوٽيوب جي ذميواري زاهد راڄپر ۽ آغا ظفر حوالي ڪئي وئي. جڏهن ته سنگت پبليڪيشن جي ذميواري يوسف سنڌ حوالي ڪئي وئي. پبليڪيشن ڪميٽي ۽ ٻين قانوني معاملن لاءِ ايڊووڪيٽ ستار هليو ۽ راحب ملاڻي تي مشتمل صلاحڪاري ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو. انو سولنگي جي سربراهي ۾ ثقافتي ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صائب ميمڻ، محبوب سنڌي، نعيم ملڪ، شفيع محمد چانڊيو، امين لاکي ۽ خليل پنهيار کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو. ضلعي سجاول لاءِ مير ٽڳڙ کي عارضي ضلعي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ سنگت جي ترجمان طور اياز لطيف دايي کي مقرر ڪيو ويو. هر ٽن مهينن اندر مرڪزي سطح تي هڪ قلمڪار ۽ هڪ فنڪار سان رهاڻين جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ ساڳي وقت سنڌ سنگت جي اڳوڻن وفات ڪري ويل مرڪزي سيڪريٽري جنرلس کي ڀيٽا ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. سنڌي ٻولي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پهرين فيبروري کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ سنگت مرڪز پاران گهڻ ٻولي ڪانفرنس جو انعقاد ڪراچي ۾ ڪيو ويندو جنهن ۾ سمورن ٻولين جي اديبن ۽ دانشورن کي مدعو ڪيو ويندو. سنڌي ادبي سنگت جي سمورن شاخن جون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي نگراني ۾ 15 ڊسمبر کان 15 جنوري تائين مڪمل ڪيون وينديون ۽ هر ضلعي ۾ مرڪز پاران ٻه ٻيا سهڪاري نمائنده پڻ مقرر ڪيا ويندا. سنگت جي مرڪزي باڊي فيصلو ڪيو ته ڪنهن به اداري کان ذاتي فائدا وٺڻ بدران اداراسازي ڏانهن ڌيان ڏنو ويندو ۽ ضرورت وقت نه صرف ادارن جي آئين تحت سندن سهڪار ورتو ويندو پر ساڻن پڻ سهڪار جاري رکيو ويندو. سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل(class orientation) کي رسمي گڏجاڻين کان اڳتي وٺي تنقيدي ڪلاس هلائڻ لاءِ نقادن ۽ ٻولي ماهرن سان رابطو ڪيو ويندو. پهرئين مرحلي ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي،عزيز قاسماڻي،پروفيسر مختيار سمي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري سان ان ڳالھ ٻوله جاري آهي ان سلسلي ۾ ملڪي سطح تي مختلف اديبن، شاعرن کي سنگت پيج تي لائيو ورتو ويندو ته جيئن ٻين ٻولين جي اديبن ۽ تنظيمن سان ڳانڍاپو جڙي سگهي. گڏجاڻي ۾ ثقافتي پروگرام ملهائڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي. آخر ۾ ناميارن اديبن زيب سنڌي ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي امڙ، شاهين سنڌي ، حسين خاصخيلي، غلام نبي راهي ۽ برڪت فقير جي فرزند جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال، خزانچي اعظم ڀٽي، آڊيٽر مظهر خاصخيلي ۽ عورت جوائنٽ سيڪريٽري عين سحر آن لائين شرڪت ڪئي.
|