سنڌ ڪائونسل جو اجلاس مورو 

 سنڌ ڪائونسل جو اجلاس   پريل دايو جي صدارت هيٺ چوڏهن اپريل2019

حيدرآباد (پ ر) 
 سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس مورو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پنو عاقل جي سيڪريٽري پريل دايو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن 11 آگسٽ تي ڪرائڻ ۽ اليڪشن ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار سيڪريٽري جنرل حوالي ڪيو ويو. اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي پريل دايو چيو ته سنڌي ادبي سنگت سدائين سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي. هن چيو ته فئبروري ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شاندار جاڳرتا مهم هلائي وئي جنهن ڪري هن وقت سنڌ حڪومت به سجاڳ ٿي آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه پاران يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو قائم ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا. هن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جا اعلان ڪندڙ پاڻ ورهائجي ويندا پر سنڌ کي ڪڏهن به ورهائڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جا شاعر، اديب، فنڪار سجاڳ آهن ۽ اهي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي انتهائي ڏکي صورتحال مان ڪڍي پار پهچايو آهي. هن چيو ته سنگت جي مرڪزي آفيس تي ڪجهه فردن جو قبضو آهي جيڪو جلد قانوني طريقي سان خالي ڪرايو ويندو. هن چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ وارا هاڻي پاڻ ٽڪرا ٿي رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت هڪ هئي ۽ هڪ ئي آهي. هن چيو ته ٻولي مهم ۾ شاندار ٻولي ڪانفرنسون ۽ گهڻ ٻوليائي مشاعره ڪرايا ويا جنهن سان سنڌي ادبي سنگت جو نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي مان وڌيو آهي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي شاخن ۾ ڪلاس هلائڻ واري رجحان کي هٿي ڏينداسين. جڏهن ته سنڌي ادب ٻين ملڪي توڙي عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ذوالفقار سيال، خزانچي عرس اوٺو ۽ صلع رابطه سيڪريٽرين رپورٽون پيش ڪيون جن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀٽ شاهه ۽ لنواري شريف شاخن کي پڪا الحاق ڏنا ويا، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ، بڊاڻي، تنگواڻي، بهلاڻي، فريد آباد، آبادگار شگر مل، ڪمشورکي ڪچا الحاق ڏنا ويا. اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف، خزانچي عرس اوٺو، آڊيٽر ڄام محبت سهتو، يوسف سنڌي، عبدالله شاد جلباڻي، سيد مختيار علي شاهه، مظهر خاصخيلي، سڪندر جروار، امام بخش مشوري، ارباب ملاح، عنايت علي سولنگي، آس لغاري، اداس سولنگي، لالڻ چنه، حسين جاگيراڻي، بشير منگي، اياز لطيف دايو، گهايل لغاري، ممتاز مصطفيٰ، سڪندر انڙ، سال ميمڻ، نبي بخش ناز، عبد ڌماچ، اعظم ڀٽي، آغا جان آغا، صائب ميمڻ، عزيز قاسماڻي، حسن پنهيار، مير ٽڳڙ، محرم چنه، ذوالفقار جلباڻي، عاجز نوحپوٽو، شتاب زرداري، ايم بي ڏاهري، فياض چنڊ ڪليري، مزمل علي، فدا سنجراڻي، مسافر لاکو، غلام علي عامر، نقيب عباس، اسلم عباسي، انور سانول، ڄام محبوب سهتو، ضمير سهتو، عنايت علي پنهيار، ملهار سنڌي، برڪت ملڪ، شاهد راڄپر، مرتضيٰ ڦل، برادي منگي، عبدالله ورند، اعجاز پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرڪزي پريس ترجمان کي ذميوارين کان آجو ڪيو ويو.