خيرپور ميرس ضلع اجلاس سال 2018 

 

خيرپور ميرس  جي  شاخن جو اجلاس ۾ مرڪزي قيادت شريڪ

خيرپور ميرس (پ ر) 
سنڌي ادبي سنگت ضلعي خيرپور جي سڀني شاخن جو گڏيل اجلاس هنڱورجا ۾ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ شاخن جي سيڪريٽرين ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون اجلاس کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ تنظيمي ۽ تربيتي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙا اجلاس اهم آهن، هن وڌيڪ چيو ته ادبي سنگت جي ڪارڪنن ۽ شاخن جي انگ وڌائڻ ضروري ناهي پر تربيت ضروري آهي هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاخن کي جس چيو ۽ چيو ته شاخن کي ايوارڊ يا مڃتا سرٽيفڪيٽ سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏنا ويندا هن چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت کي دنيا جي لٽريچر سان ۽ ادبي معيار سان گڏ بيهارڻ چاهيون ٿا. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ تنقيدي ڪلاس ۽ تربيتي ڪلاس هلائڻ جي اهم ضرورت آهي ان ڪري سڀني دوستن کي تربيت جي طرف توجهه ڏيڻ گهرجي هن چيو ته اسان جا دوست بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن سندن ڪوششن جو نتيجو آهي ته اڄ اسان پنهجي ٻولي ۽ ڪلچر جي وارثي ڪري رهيا آهيون ان موقعي تي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو چيو ته سنڌي ادبي سنگت، سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي اڳواڻي ۾ مضبوط ۽ منظم نموني سان پنهنجا مرحلا طئي ڪري رهي آهي سنگت جو نيوز ليٽر، سنگت پبليڪيشن وقتائتو ڇپجڻ سندس تنظيمي بهتري کي ثابت ڪري رهيا آهن سنڌي ادبي سنگت جا ساٿي پنهجي ادب، ثقافت جي وارثي ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا. اسان کي ادبي سنگت جي بهادر ساٿين تي فخر آهي ضلعي خيرپور جي رابطا سيڪريٽري لالڻ چني اجلاس ۾ شريڪ ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا اجلاس ۾ مختلف شاخن جي عهديدارن، ڪارڪنن غلام علي عامر، تنها سخاوت شيخ، ضمير رڪراڻي،ڄام محبوب سهتو ،رحيم بخش سيال، مور خاصخيلي، عاجز ميرواهي، عنايت پنهيار ،ڄام مهدي رضا ، ياسر سولنگي، حسين تبسم، احمد ڀٽو، اسلم ڀٽي، رياض اڄڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ شاعر سائل آزاد جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي۔