مرڪزي عهديدارن جو اجلاس ۾ ڪيل فيصلا

           

                     مرڪزي عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪري رهيو آهي 
 

 خيرپور 16 اپريل 2018
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جو اجلاس خيرپور ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، خزانچي عرس اوٺو ۽ آڊيٽر ڄام محبت سهتو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي شاعرن، اديبن، مصورن، فنڪارن، آرٽسٽن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ساڻن تخليقڪارن سان ڪجهه پل جي سري هيٺ رهاڻيون رچائيون وينديون جنهن ۾ مرڪز، ضلع رابطه سيڪريٽري ۽ شاخون گڏجي ان سلسلي کي جاري رکندا. اجلاس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لاحق خطرن ۽ ان جي قانوني ۽ آئيني معاملن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي، سينيٽ، صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، وزير اعليٰ، گورنر توڙي مختلف ادارن ڏانهن خط لکي کين آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته هو ٻوليءَ کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ عملي ڪم ڪن. جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جو اهتمام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ متفقه طور جاکوڙي صحافي ۽ نوجوان شاعر عبدالقادر جاگيراڻي کي سنڌ سنگت جو ترجمان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاريءَ کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مقصد سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي گهري سازش آهي ان ڪري سنڌي ادبي سنگت گهر ٿي ڪري ته فوري طور تي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ايجنڊا کي ختم ڪيو وڃي ۽ ڌارين جا جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن ٻيءَ صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت نادرا جو گهيراءُ ڪندي. اجلاس ۾ 2017ع ۾ ڇپيل بهترين ڪتابن جي ليکڪن کي ايوارڊ ڏيڻ واري اعلانيل فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ليکڪن، پبلشرن ۽ ادارن کي اپيل ڪئي وئي ته هو 2017ع ۾ مختلف صنفن جهڙوڪ ناول، ڪهاڻي، شاعري، سفرنامو، تحقيق، تنقيد، تاريخ، ڪالم، مضمونن تي ڇپيل ڪتاب 25 مئي تائين مرڪزي عهديدارن جي حوالي ڪيا وڃن جيئن اهي ججن ڏانهن موڪلي سگهجن. اجلاس ۾ تنظيمي سرگرمين تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو


 

واپسي