گهڻ ٻولي مشاعرو ڪراچي

      

        گهڻ ٻولي مشاعرو جي صدات ڊاڪٽر ذوالفقار سيال،راحت سعيد ۽ ٻيا ويٺل

 گهڻ ٻولي مشاعرو 16 فبروري 2019
ڪراچي پ.ر 
سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران مادري ٻولين کي ڀيٽا مھم جي سلسلي ۾ ڇنڇر تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ گھڻ ٻولي مشاعرو منعقد ڪيو ويو جنھنجي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪئي جڏھين ته خاص مھمانن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جو صدر راحت سعيد ـ فيصل آباد کان ڪھي آيل پنجابي ادبي سنگت جي چيئر پرسن بشرا ناز ـ بلوچستان کان ڪھي آيل براھوي ۽ بلوچي زبانن جو ماھر وحيد ظھير ـ ھندڪو ٻولي جو وڏو شاعر افضل ھزاروي ـ پشاور کان آيل۔ عالمي پختون ڪانفرنس جو صدر سليم راز ـ اردو ادب جو وڏو نالو انور شعور ـ جڏھين ته نامياري شاعر عبدالغفار تبسم ـ سميع بلوچ ـ ھدايت بلوچ ـ اصغر باغي کان علاوه ماھين ھيسباڻي ـ ھمسري ميگزين جي چيف ايڊيٽر زاھدا ابڙو ـ نامور ليکڪا سلطانا وقاصي ـ سابقاايم پي اي نسرين چانڊيو ـ نصير سومرو ـ باري منگي ـ ڊاڪٽر شير مھراڻي ـ نامياري ڪلاڪار ۽ شاعر زاھد شيخ ـ عمران صادق سومروـ امين ڀٽو ـ علي حسن خاصخيلي ـ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي عرس اوٺي ـ لاڙڪاڻي کان آيل محمود اياز ـ سنڌي ادبي سنگت جي سابق مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ـ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر ايوب شيخ ـ نامياري ڪھاڻيڪار رزاق سھتي ـ ذوالفقار کوسي ـ سجاد يوسف ـ بلوچستان کان ڪھي آيل نامياري شاعر حسن علي حسن ـ مجاز حيدر سولنگي ـ نواز سومري ۽ مصطفي انڙ کان علاوا ڪيترن ئي اديبن ـ دانشورن گھڻ ٻولي مشاعري ۾ شرڪت ڪئي جيڪو رات دير تائين جاري رھيو ـ جڏھين ته پروگرام جي ڪاروائي نامياري اديب ۽ دانشور خليل چانڊيو ھلائي جنھنجو ساٿ ساٿي ڪمپيئرصبوحا خان ڏنو ـ 
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ٻولي ماھرن پنھنجي خيالن جواظھار ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت گھڻ ٻولي مشاعري جوآغاز ڪندي ملڪ جي سمورين ٻولين جي بيش بھا خدمت جو بنياد وڌو آھي ۽ ان سلسلي کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ جاري رھڻ گھرجي ـ. 
پريس ترجمان سنڌي ادبي سنگت سنڌ

واپسي