ڪاڇو مشاعرو

 

         

                     ڪاڇو مشاعرو ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ،زاهد راڄپر،ڄام محبت ،فاروق سومرو ۽ ٻيا

 ڪاڇو مشاعرو 3 نومبر 2018
حيدرآباد پ.ر 
سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي پاران ڪاڇي جي ثقافت ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاڇو مشاعرو ڊگري ڪاليج جوهي ۾ ٿيو. مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان آيل شاعرن ڪاڇي تي پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. مشاعري کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻهڳڻي شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته جوهي ۽ ڪاڇي جي شاعرن جي شاعري ڪمال جي آهي جنهن ۾ حسن سان گڏ فطرت جا رنگ پسجن ٿا، جڏهن ته شاعرن اهڙي ڪمال جي شاعري پيش ڪئي جو دل کي سڪون اچي ويو. هن چيو ته هن سماجي ڀڃ ڊاهه، انتها پسندي واري دور ۾ مشاعرا روشنيءَ جو ڪرڻو آهن. هن چيو ته ڪاڇي جي شاعرن ڪاڇي جي ڀرپور عڪاسي ڪندي پنهنجي شاعري ۾ ڪاڇي جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي، مسئلن، ٻنين، وڻن ٽڻن، نئين، گاج، هارين نارين جا خوبصورت رنگ چٽيا ۽ سندن مشاهداتي شاعري ۾ اهڙيون تصويرون چٽيل هيون جون مشاعري ۾ ويٺي اسان سڄو ڪاڇو پئي گهميو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر چيو ته وسيلن سان مالا مال ڪاڇي ۾ ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانيءَ سبب بک، بدحاليءَ جو راڄ آهي. شاهوڪار ڪاڇي جا ماڻهو اڄ امداد لاءِ قطار ۾ بيٺل آهن. هن چيو ته ڪاڇي کي آباد ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي ڪاڇي کي شاد ۽ آباد ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ ڪاڇي جي شاعرن، اديبن، سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته ڪاڇي جي شاعرن جي شاعري ثقافت کاتو ڇپرائي پڌرو ڪري. نامياري صحافي ۽ روزاني سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽر فاروق سومرو چيو ته ڪاڇي کي پاڻيءَ جي کوٽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي پاڻي نه هجڻ ڪري ڪاڇي جي فطري سونهن اجڙي وئي آهي. هن چيو ته ڪاڇي بابت شاعرن جي شاعري ٻڌي تمام گهڻو مزو آيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتي چيو ته ڪاڇو سنڌ جي ثقافت جو محور آهي، هتي جي شاعرن ۾ ڏات به آهي ته ڏانءُ به آهي ۽ شاعري ۾ ڪاڇي جي ڀرپور ترجماني نظر اچي ٿي. ناليواري شاعر، نقاد عزيز قاسماڻي چيو ته ڪاڇي ۾ فطرت جا سمورا رنگ ۽ روپ پسجن ٿا، ڪاڇي ۾ وسيلا هجڻ باوجود به ڪاڇي ۾ رهندڙ ماڻهو سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن حالت اهڙي آهي جو بيمار ماڻهو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. ان موقعي تي ساٿي محبوب زنگيجو، غلام حيدر گهايل لغاري، يامين ٻٻر، احساس ميرل، ڊاڪٽر حميد سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته سڄي سنڌ مان آيل شاعرن احسن ابڙو، عنايت پنهيار، مرتضيٰ ڦل، نقاد ٿهيم، سائين بخش رند، محبوب ڏيپر، نماڻو مهيسر، صوفي خادم فقير، ممتاز مصطفيٰ، غلام حيدر عمران، لياقت علي لياقت، همدرد اوڏ، ممتاز پاٽائي، احسان زنگيجو، غفار جمالي، قاسم پنهور، باغي لغاري، اداس لنڊ، زين کوسو، ابراهيم ملاح، محرم لغاري، خادم جسڪاڻي، هارون پنهور، خليل عارف سومرو، غلام حيدر خاصخيلي، نواز ملاح، ضمير سهتو ۽ ٻين پنهنجي شاعري پيش ڪري واه ڪرائي ڇڏي. آخر ۾ محفل موسيقي ۾ نامياري فنڪار غلام شبير شاهاڻي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو. 
پريس ترجمان سنڌي ادبي سنگت سنڌ


 

واپسي