مرڪزي عهديدارن جو اجلاس ۾ ڪيل فيصلا 

حيدرآباد ۾ مرڪزي عهديدارن جو اجلاس

حيدرآباد؛ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جو اجلاس مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف، خزانچي عرس اوٺو ۽ آڊيٽر ڄام محبت سهتي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس جا انتظام ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ نسرين الطاف کي ذميواريون سونپيون ويون جڏهن ته 2017ع ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ شاخن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ آگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ۾ تقريب ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ 2017ع ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ نامور ۽ معتبر اديبن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو، ايوارڊن ۾ ناول. ڪهاڻي، سائنس، تحقيق، تنقيد، تاريخ، مضمون، شاعري، ٻاراڻو ادب جا ڪتاب شامل آهن جيڪي ججن ڏانهن موڪليا ويندا. اجلاس ۾ تنظيمي معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جون شاخون ادبي ڪلاس هلائڻ کي يقيني بڻائين ۽ ادبي ڪلاسن جي نگرانيءَ لاءِ مرڪزي عهديدار نگراني ڪندا. اجلاس ۾ ڪجهه ضلعن ۾ رابطه سيڪريٽرين جي خالي جاين تي رابطه سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. جن مطابق ڪراچيءَ لاءِ اصغر باغي، ٿرپارڪر لاءِ زيب بنگلاڻي، لاڙڪاڻي لاءِ ملهار سنڌي، گهوٽڪيءَ لاءِ راهب ملاڻو ۽ دادو لاءِ گهايل لغاري شامل آهن. اجلاس ۾ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس 5 آگسٽ 2018 تي قاضي احمد ۾ سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اجلاس ۾ تخليقڪارن سان ڪجهه پل جي سري هيٺ سڄي سنڌ ۾ پروگرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن لاءِ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ذميواري زاهد راڄپر ۽ ڄام محبت سهتي، حيدرآباد ڊويزن جي ذميواري نسرين الطاف، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڊويزن جي ذميواري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن جي ذميواري عرس اوٺي جي حوالي ڪئي وئي. اجلاس کي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻڌايو ته سنگت جي سرگرمين وارين خبرن تي مشتمل سنگت جو ٽه ماهي نيوز ليٽر شايع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٽه ماهي ادبي مئگزين سنگت هڪ هفتي اندر ڇپجي ويندو. هن چيو ته ادبي ڪلاس سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي مقصد آهن ان ڪري اهي ڪهڙيءَ به صورت ۾ جاري رهڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ادبي ڪلاس نه هلڻ سان نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ وارو عمل گهٽجي ويو آهي جنهن ڪري سنگت جو روح متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته شاخن جو تعداد وڌائڻ ضروري ناهي پر ادبي ڪلاس هلائڻ ضروري آهن جيڪي شاخون ادبي ڪلاس هلائينديون اهي ئي سنڌي ادبي سنگت جو حصو رهنديون. 

 

واپسي