تخليقڪارن سان ڪي پل رهاڻ

 

                     تخليق ڪارن سان ڪي پل جي صدات پروفيسر ممتاز ڀٽو صاحبه،راحت سعيد ۽ ٻيا

 حيدرآباد پ.ر 
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جاکوڙي جوائنٽ سيڪريٽري نامياري شاعره ڀيڻ نسرين الطاف پاران سنڌي ٻوليءَ جي چئن بهترين تخليقڪارائن : آپا نذير ناز، پروفيسر حسينا ساند، آپا مريم مجيدي، آپا تنوير جوڻيجو جن سان سرهي سانجهه رچائي وئي هن پروقار رنگا رنگ سرهي سانجهه واري تقريب جي صدارت نامياري ليکڪا ، ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز ڀٽو صاحبه ڪئي ، جڏهن ته مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر فتح محمد برفت صاحب هو جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب ۽ اردو ٻولي جو ناميارو تخليقڪار محترم راحت سعيدهو، 
ڏينهن آچر جو هنڌ سنڌي لينگويج اٿارٽي هال حيدرآباد سنڌ 
تاريخ 17 فيبروري 2019
 


 

واپسي