ٻولي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب سال 2019 

 ٻولي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ايڪيهه مارچ2019

حيدرآباد (پ ر) 
حيدرآباد ٻولي جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي ادبي سنگت طرفان حيدرآباد ۾ ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جڏهن ته ڪانفرنس بعد گهڻ ٻوليائي مشاعرو ٿيو جنهن ۾ سنڌي، اردو، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو شاعرن پنهنجي ٻولين ۾ شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. تقريب ۾ اردو ٻولي جي ناميارن شاعرن ڪيناڊا مان اشفاق حسين ۽ ڪويت مان ڪمال اظفر، جاويد منظر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نامياري اديب غلام نبي مغل ۽ عبدالقادر جوڻيجو کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا طبيعت جي ناسازي سبب عبدالقادرجوڻيجو ايوارڊ وصول نه ڪري سگهيو جيڪو سندس خواهش مطابق سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وصول ڪيو ۽ تقريب ۾ ناول نگار اڪبر سومرو، منير چانڊيو، رزاق سهتو، عثمان راهوڪڙو، بشير منگي ۽ فرزانه شاهين کي سال 2017ع جي بهترين ڪتابن ناول، شاعري، ڪهاڻين ۽ تحقيق تي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا ان موقعي تي نامياري اديب غلام نبي مغل خطاب ڪندي چيو ته ٻولين جي عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ پرپور نموني ملهايو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ مادري ٻولي کي اهميت نه ڏئي گهٽ ملهايو وڃي ٿو هن چيو ته قومن جي ٻولين کي تسليم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته جيڪڏهن اردو سان گڏ بنگالي زبان جي اڪثريت کي تسليم ڪيو وڃي ها ته حادثو به پيش نه اچي ها ان موقعي تي پختون اديب سليم راز خطاب ڪندي چيو ته مون سنڌي ادب جون لوڪ ڪهاڻيون ۽ شاعري ترجمي جي صورت ۾ پڙهي آهي سنڌي ادب ۽ سنڌ جا سياسي اڳواڻ ترقي پسند آهن هن چيو ته آئين جي آرٽڪل 291 تحت ماڻهن کي پنهنجي مادري ٻولين جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ جو حق حاصل آهي اقوام متحده به مادري زبان کي اهميت ڏئي ٿي پر هتي ٻولين کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ سميت سمورين مادري ٻولين جي واڌاري لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. پنجابي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل اعظم ملڪ چيو ته سنڌي قوم پاڪستان جي سڀني قومن کان وڏي آهي ان جي اڳواڻي ۾ وڌڻ گهرجي هن چيو ته اردو ٻولي رابطي جي ٻولي آهي ان کي ماءُ نٿو بڻائي سگهجي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته سنڌي پنجابي، پشتو ۽ بلوچي زبانن کي قومي ٻوليون بڻائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي هن چيو ته جن ٻولين کي علائقائي زبانون چيو وڃي ٿو اهي قومي زبانون آهن. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ ٻولي لاءِ تحريڪ هلائي پر سياسي ڌرين ساٿ نه ڏنو. هن چيو ته پشتو، بلوچي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي اديبن کي سنڌي ادبي سنگت جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيئن سنڌي ادب کي ٻين ٻولين جي ادب تائين رسائي سگهجي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت وري ٻين ٻولين جي تنظيمن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر ٿيندي ان لاءِ سنگت بلوچستان جي ڊاڪٽر شاهه محمد مري، عالمي پختون جرڳا جي چيئرمين سليم راز، پنجابي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل اعظم ملڪ سان لکت ۾ معاهدو ٿي ويو آهي ۽ اهو معاهدو ملڪ جي تاريخ ۾ ٻولين جي فلاح ۽ وڌاءَ جو پهريون معاهدو آهي. ان موقعي ته انجمن ترقي پسند مصنفين جي اڳواڻ راحت سعيد چيو ته سنڌ سڀني جي گڏيل ماءُ آهي جيڪو هن ڌرتي کي ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو اهو پهرين اسان کي ٽڪرا ڪري. هن چيو ته هتان جي حڪمرانن جو نظام عجيب آهي خوف آهي ته ڪٿي چيني زبانن کي نه قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌي سميت سڀني مادري زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. ان موقعي تي تقريب کي بلوچ شاعر حسين علي حسين، ڊاڪٽر جاويد مينگل، يوسف سنڌي، زاهد راڄپر، طاهره سليم، نسرين الطاف، عظيم حيدر، عرس اوٺو، ڄام محبت علي سهتوسميت اديبن ۽ شاعرن خطاب ڪيو جڏهن ته مشاعري ۾ نذير ناز، عربيه نور، ڪزبانو، اداس سولنگي، اصغر باغي، مختيار علي شاهه، محمد علي مرجت، مرتضيٰ ڦل، مظهر خاصخيلي، گل خاصخيلي، سفير نظاماڻي، محمد صديق نوحپوٽو، امين لاکو، مسافر لاکو، شبير سيال، فدا سنجراڻي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي.
 

شريڪ اديب

 
    ايوارڊ

وصول

ڪندڙ

اديب

 سال

2019