گلبدن جاويد مرزا سان رهاڻ

سرور سيف ۽ ٻيا گلبدن مرزا جي ڪتابن جي مهورت ڪندي

سکر  ( ) گلبدن جاويد مرزا جي تخليقن ۾ ڌرتي جي فطري سونهن جا عڪس ۽ پنهنجي ديس جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي درد جون ڪيفيتون شامل آهن، غزل ۽ نظم سميت وٽس نثري نظمن جي تخليقڪاري جو خاص ڏانء آهي، هوء جديد سنڌي شاعري ۾ خاص سڃاڻپ رکي ٿي،" اهڙا ويچار سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعره، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي ماهوار رسالي سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سان رچايل رهاڻ جي موقعي تي سندس ٻن شعري مجموعن چاهتن جا قافلا ۽ عشق اهڙي اڏار ڏي جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي اديبن، شاعرن، نقادن ۽ قلمڪارن پيش ڪيا، جنهن جي صدارت سڄاڻ اديب پروفيسر سرور سيف ، جديد سنڌي شاعري جي اهم نالي پروفيسر ساجد سومرو ، انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرواڻ ڊاڪٽر بدر اڄڻ جن ڪئي جڏهن ته محبوب سنڌي، عزيز قاسماڻي، مزمل سائر، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرمين شائسته کوسو،روزينا جوڻيجو  تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ آپا ريحانه زمان جتوئي اعزازي مهمان هئا، حسين جاگيراڻي، ستار هليو ،استاد لالڻ چنا ، رئوف پارس ،آرٽس ڪائونسل جي ادب شعبي جي چيئرمين تاج سروهي، پروفيسر حبدار جاگيراڻي ،ذوالفقار ڪورائي ،اياز لطيف دايو، حسن پنهيار ۽ ٻين چيو ته گلبدن نه رڳو شاعري به سنگت سنڌي سماج جي ارتقا ۾ ادبي ذميواري تحت ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، گلبدن اندر جي اڌمن کي شاعراڻي انداز ۾ اظهاريو آهي، سندس ادبي ڪم ساراھ جوڳو آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايي چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ هاڻوڪين حالتن ۾ تخليقي سفر کي اڳتي وڌائڻ سان گڏ ڌرتي ۽ قومي وجود  لاء متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ سنگت نئين ٽهي کي پڻ لکڻ سان گڏ ادب ۽ ٻولي لاء جاکوڙ جو اتساھ ڏنو آهي، قومي اشوز تي سنگت جي ڪردار کي ساڃهوند ڌرين پڻ  ساراهيو آهي، ڌرتي، تهذيب، ٻولي، ادب ،ثقافت جي ذميواري ۾  اديب جي ذمي ۾ پڻ اچي ٿي گلبدن جي تخليقن جي خوشبو نرالي آهي، هن پنهنجو  پاڻ کي سنڌي ڪافي سميت مختلف صنفن جي سڄاڻ شاعر پنهنجي والد احمد خان آصف مصراڻي جو ادبي تسلسل ثابت ڪيو آهي سندس والد کي شهيد ڪيو ويو، هن پيڙائون ڀوڳيون آهن جن جو درد سندس شاعري ۾ نروار ٿئي ٿو، محبوب سنڌي چيو ته گلبدن شخصي زندگي ۾ جيڪي اذيتون ڀوڳيون انهن کي شاعراڻين خيالن ۾ اوتيو، مسلسل جاکوڙ ۾ رهي ڌرتي ۽ ٻولي سان پيار نڀايو آهي " مشاعري ۾ نئين ٽهي جي خوبصورت شاعرو پره سپنا، برادي منگي   ياسين ڪنڀر، حسن پنهيار، عبدالحئي ڀٽو ،سارنگ ڪلادي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي، تقريب دوران سنڌ جي ناليواري ٻينجي نواز شرافت علي شيخ ٻينجي رستي شاھ جي شاعري جون خوبصورت ڌنون پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي ادب شعبي جي چيئرمين، سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري ملهار سنڌي ۽ سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪالمسٽ اياز لطيف دايي جن ڪئي