سنڌي ادبي سنگت ٻيٽن ۽ بحريا ٽائون کي سازش سمجهي ٿي

 WhatsApp Image 2021-10-02 at 2.56.13 PM.jpeg

سنڌ جي ٻيٽن ڌنگي ڀنڊار ۽ بحريا ٽائون ذريعي والار خلاف سراپا احتجاج

حيدرآباد  (پ.ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڪراچي ملير سميت ڄامشوري ضلعي جي حدن ۾ سنڌي ڳوٺن تي بحريا ٽائون جي والار ۽ ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جي سازشن خلاف آچر   9 مئي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايو, عورت جوائنٽ سيڪريٽري آپا نذير ناز ،جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر قادر جاگيراڻي چيو آھي ته "سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ کين ڌرتي تان تڙڻ لاءِ بحريا ٽائون جهڙو مهانگو رهائشي منصوبو آڻي اصل ڌرتي ڌڻين کان ڏاڍ جي بنياد تي زمين خريد ڪئي پئي وڃي ۽ انڪار ڪندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جهڙا هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ڏاڍ ۽ جبر تي سنڌ جا ساڃاھ وند، اديب، سگهڙ، شاعر ۽ فنڪار خاموش نه ويهندا ۽ هر دشمن منصوبي جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي, ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ  طرفان احتجاج جو سڏ ڏيندي سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽرين، شاخن جي سيڪريٽرين سميت سنگت جي ميمبرن ۽ ڌرتي جي خيرخواهن کي اپيل ٿي ڪجي ته آچر ڏھاڙي 9 مئي تي  ايس او پيز تحت پريس ڪلبن آڏو   احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي

.