مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي اجلاس آرٽ ڪائونسل حيدرآباد 

 مرڪزي ڪارو باري ڪميٽي  اجلاس   مسافر لاکو جي صدارت هيٺ نائين جون 2019

حيدرآباد (پ ر) 
 سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ٿيو اجلاس جي صدارت سنڌي ادبي سنگت شاخ دولتپور جي سيڪريٽري مسافر لاکو ڪئي. اجلاس ۾ س ا س جي مرڪزي چونڊ 28 جولاء تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چونڊ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو چيئرمن ناميارو صحافي مهيش ڪمار هوندو جڏهن ته ذوالفقار ھيسباڻي ۽ ساجد سنڌي ڪميٽيء جا ميمبر هوندا، اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ لاءِ مخالف گروپ سان ڳالهيون جاري رکڻ جو طئه ڪيو ويو ۽ جاري ڳالهين بابت سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال آگاهي ڏني، اجلاس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پاران مخالف گروپ سان ڳالهين تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ مرڪزي عهديدار به ضرورت پوڻ تي شريڪ ٿي سگهندا ۽ دوستن اميد ظاهر ظاهر ڪئي ته هڪ سنڌ ۽ هڪ سنڌي ادبي سنگت وارو نعرو پايه تڪميل تي پهچندو ۽ ويڇا ختم ٿيندا. ان موقعي تي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، خزانچي محمد عرس اوٺو، مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو ، اعظم ڀٽي، مظهر خاصخيلي، اداس سولنگي، سڪندر جروار،نعيم ملڪ، گھايل لغاري، ضمير سهتو، نبي بخش ناز، صائب ميمڻ، مرتضي ڦل، ملهار سنڌي، لالڻ چنو، محبوب ڏيپر، خاڪي جاني، شمس الحق ابڙو، فقير محمد ڍول، رضا ڏاهري، فقير محمد انڙ، محمد عثمان، سفير نظاماڻي، امام بخش مشوري، عنايت پنهيار، خورشيد جوڻيجو، رياض ڏاهري، اسلم ڀٽي، شرف نظاماڻي، ڄام محبوب علي سهتو ،چيزل ڄامڙو ،حسين تبسم، غلام قادر منتظر، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، محرم چنو، ايم بي ڏاهري، خادم لاکو، ابراهيم کوسو، علي محمد ٽالپر، عبدالشڪور ڇٽو، خالد نظاماڻي، سيد اسلم شاهه، شاهد راڄپر، نورل واڍو، خميسو خان وگهيو، راهب ملاڻو، عارف شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ 60 کان وڌيڪ شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ضلع رابطه سيڪريٽرين شرڪت ڪئي۔