سنڌي ادبي سنگت سنڌ > ثقافت > رلي

 

رلي تي عورتون ڪم ڪندي

ٽڪ تي تيار ٿيل رلي جو هڪ خوبصورت انداز

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

واپس

رَلِـــــــــــــــــــي؛سنڌ شروع کان ڪپڙي جي واپار ۽ صنعت جو مرڪز رهي آهي، سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون رنگ برنگي ڪپڙي جي ٽُڪرين کي وڏي مهارت سان ڳنڍي هڪ وڏي چادر جنهن کي مقامي ٻولي ۾ "رَلِي" ڪري سڏيو ويندو آهي تيار ڪنديون آهن. رلي اُتي جي مقامي لفظ "رلانا" مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي "ڳنڍڻ"، رلي پاڪستان جي ڏکڻ وارن علائقن جهڙوڪ سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان سحرا سان گڏ انڊيا جي راجستان ۽ گُجرات وارن علائقن ۾ پڻ تيار ڪئي ويندي آهي. مسلمان توڙي هندو عورتن سان گڏوگڏ مختلف ذاتين، قبيلن، ڳوٺن توڙي خانه بدوش عورتون گھرن ۾ ويهي رلي جو ڪم ڪنديون آهن. رلي جو استعمال هنڌ يا بستري طور پڻ ٿيندو آهي، ٻهراڙي ۾ اڪثر ماڻهو مهمانن کي کٽ تي رلي وڇائي خاطر توازا ڪندا آهن. ان کان علاوه رليون شادين ۾ ڏاج طور نياڻين کي ڏنيون وينديون آهن، رلي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ خاص ثقافت طور سڃاتي وڃي ٿي. رلي آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گھرن ۾ نمائش طور پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين رلي جي نمائش سن 2003 ۾ آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ هڪ ميلي ۾ لڳائي وئي، آمريڪا جي "نيبراسڪا لنڪن" نالي يونيورسٽي ۾ رلي جا تقريبن 150 مختلف قسم موجود آهن. ا

رلي جا قسم؛رلي جا بنيادي طرح سان ٽي قسم آهن، جنهن ۾ هڪ چَتين واري رلي جيڪا ڪپڙي جا ٽِڪُنڊا ۽ چورس ننڍا ٽُڪرا سُوئي سان سِبي ڳنڍي تيار ڪئي ويندي آهي. ٻي زَرِي واري رلي جيڪا رنگ برنگي زري يا ڀرت ڀري تيار ڪئي ويندي آهي، ۽ ٽين قسم ۾ (ڪَٽَ وَرڪ) جو ڪم ٿيندو آهي جنهن ۾ ڪپڙي جي مختلف ٽُڪرن کي موڙي گول ور ڏئي مختلف قسمن جون رليون تيار ڪيون وينديون آهن. عُمومن رلي جي تياري ۾ ست رنگ استعما ڪيا ويندا آهن، جنهن کي ست رنگي رلي پڻ چيو ويندو آهي جهنن ۾ اڇو، ڪارو، ڳاڙهو، پِيلونارنگي، تيزسائو، نِيلو ۽ واڱڻائي رنگ استعمال ڪيا ويندا آهن. پر مختلف قومون پهنجي ريتن رسمن پٽاندر مختلف رنگ استعمال ڪنديون آهن، مثال طور هندو گُلابي ۽ هلڪو سائو رنگ استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته جوڳين کي وري نارنگي ۽ خاڪي رنگ پسند آهن. ا

رلي ٺاهڻ جو طريقو ؛رلي ٺاهڻ جو طريقو تمام سولو آهي، رلي ٺاهڻ لاءِ جن شين جي ضرورت پوندي آهي تن ۾ ڪپڙو، ڌاڳو، سُئي ۽ ڪينچي شامل آهن. رلي جو چئو طرف پاسن وارو حصو جيڪو وڌيڪ سينگاريل هوندو آهي، اهو اڪثر ڪري ڪا هڪ عورت ٺاهيندي آهي، جيڪا هو مختلف ٽُڪڙن يا بلاڪن جي صورت ۾ ٺاهي پوءِ سڀن کي ڳنڊيندي آهي. رلي جي تر ( وچ وارو حصو) به مختلف ٽُڪڙن کي پاڻ ۾ سُئي سان سبِي هڪ مخصوص خاڪو ٺاهي ملايو ويندو آهي اهو ڪم عمُومن گھر يا پاڙي جون ڪجهه عورتون ملي ڪري ڪنديون آهن