سنڌي ادبي سنگت سنڌ > ثقافت > اجرڪ

 

 ڪپڙي تي اجرڪ ٺاهڻ لاء هنيل ٺپا (پور

سنڌي اجرڪ

 

 

واپس

اَجَــــــــــــــــــرڪ؛قديم زماني کان ذرخيز سنڌ ڌرتي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو مرڪز رهي آهي. انهي قديم تاريخ جو اندازو موئن جي دڙي جي قديم آثارن مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي قوم پهنجي ثقافت، تهذيب، ڀائيچاري، مهمان نوازي ۽ بهادري سان سُڃاتي وڃي ٿي، سنڌي قوم جي لباس ۾ اجرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهي ڳالهه جو اندازو پنج هزار سال قديم موئن جي دڙي جي آثارن مان نڪتل هڪ بادشاهه جي مجسمي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ خاص قسم جي پوتِي اوڍيل هئي، جنهن کي پاڻ اجرڪ جي سڀ کان پهرين اصل حالت يا شڪل چئي سگھون ٿا. ڇو ته انهي جو رنگ، خاڪو ۽ مڪمل ٻاهريون نقشو اجرڪ جي نقشي سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. قديم عربي ادب ۾ اجرڪ کي "ازرڪ" چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي "نِيلو" ۽ قُرآن ڪريم ۾ وري "ال جرڪ" نالي سان ذڪر ٿيل آهي. مصري پهنجي مَمِي(سانڊيل لاشو) کي سوٽي ڪپڙي ۾ ويڙهيندا هئا جيڪو سنڌ کان گھرايو ويندو هو. جنهن کي هُو "سنڌِهن" ڪري چوندا هئا. پهرين ايراني بادشاه "دارا" جي تاج پوشي جي موقعي تي هن کي سنڌي اجرڪ ۽ لباس پيش ڪيو ويو هو. بنيادي طرح سان اجرڪ جا چار رنگ آهن ڳاڙهو، نِيلو، اڇو ۽ ڪارو. اجرڪ جو تَر (وچيون حصو) نِيلو يا ڳاڙهو، پاسن کان هاشيون ڪاريون ۽ چِٽ گُل اڇي رنگ جا هوندا آهن. اجرڪ جي اها خصوصيت آهي ته ان کي هر موسم ۾ اوڍيو ويندو آهي، سنڌي ماڻهو پهنجي وڏن، پيارن ۽ خصوصن مهمانن کي اجرڪ سُوکڙي طور ڏئي پيار، محبت ۽ مهمان نوازي جو اظهار ڪندا آهن. اڄڪلهه وري شرٽون، ٽايون، عورتن جو لباس، کٽ جون چادرون، پردا اجرڪ جي ڇاپي مان تيار ڪيا وڃن ٿا

اجرڪ جي تياري جا مختلف مرحله؛اجرڪ پندرنهن کان ويهن مختلف مرحلن مان گذري تيار ڪئي ويندي آهي. پهرين پنج مرحلن ۾ اجرڪ تي ڇپائي يا چِٽ گُل جو ڪم ٿيندو آهي، اهڙي ريت اڳين چوڏهن مرحلن مان گذري اجرڪ پهنجي اصلي حالت ۾ ايندي آهي. اعليٰ معيار جي اجرڪ جي تياري ۾ خاص قسم جو ڪپڙو استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي الڪلي يا کار ۾ ٻوڙي رڱيو يا اُٻاريو ويندو آهي، ۽ پوءِ ڪڍي پاڻي ۾ نپوڙي ڪاڙهي تي سُڪايو ويندو آهي، ان کانپوءِ پنجن کان ڇهن ڏينهن تائين تيل ۾ ٻوڙي رکبو آهي، جنهن کانپوءِ ڪڍي ليمن جي پاڻي ۾ ڌوئبو آهي. انهن هڙني مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ڪپڙو هلڪو پِيلو رنگ وٺندو آهي ۽ آخر ۾ ان تي ڇپائي ڪري تيز ڪاڙهي ۾ سُڪائبو آهي، انهي سڄي اجرڪ ٺاهڻ واري طريقي کي مقامي ڪاريگر "چُڙئي" ڪري سڏيندا آهن. هلڪي معيار جي اجرڪ اڳين مرحلن مان گذرڻ کان اڳ تيل ۽ صابڻ سان ڌوتي ويندي آهي، پر مختلف ڪاريگر مختلف طريقا استعمال ڪندا آ هن. ڪي الڪلي سان گڏ اُٺ جو ڇيڻو ۽ ٻيون ٻُوٽيون استعمال ڪندا آهن ۽ انهي کي پوٽاش ۽ پائوڊر ۾ ٻوڙيندا آهن. اجرڪ جي تياري جا اهي هڙئي مرحلا ويهه کان پنجويهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندا آهن ۽ هر سال پنجن هزارن کان به وڌيڪ اجرڪون تيار ڪري ملڪ جي مختلف شهرن توڙي پرڏيهه ۾ روانيون ٿينديون آهن. ا

اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ ۽ شيون

ٻَٻَر جو کنئور، اُٺ جي لِڏ (ڇيڻو)، چانورن جو اٽو، ڦِٽڪي، ڦُلي، تيل، الِيجر، واڱڻائي رنگ وغيره اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندا آهن ان کان علاوه قدرتي سج جي روشني ۽ خصوصن وڏي پاڻي واري جڳهه تلاءُ، واهه، ڍنڍ وغيره جنهن ۾ اجرڪ کي ٻوڙي ڌوتو ويندو آهي. انگريزن جي دور کان پهرين سنڌي تيل، رنگ ۽ ٻيا ڪيميڪل جڙي ٻوٽين مان پاڻ تيار ڪندا هئا، پر اڄڪلهه اهي هڙئي ڪيميڪل انڊيا، جرمني ۽ فرانس مان گهرايا ويندا آهن. هڪ ٻيو ڪيميڪل واڱڻائي رنگ (انڊِيگو) جيڪو اجرڪ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي جرمني مان گھرايو ويندو آهي. جڏهن ته 17 صدي ۾ سيوهڻ شهر انهي ڪيميڪل جي تياري جو وڏو مرڪز هو. تاريخ مان پتو پئي ٿو ته آڪٽوبر 1613 عيسوي ۾ انگريز واپاري "نڪولس واشنگٽن" اِيسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان انڊِيگوخريد ڪرڻ لاءِ سيوهڻ موڪليو ويو هو

اجرڪ جي صنعت جي موجوده حالت  

اجرڪ جي صنعت جو وڏو حصو تباه ٿي چڪو آهي، باقي رهيل ٿورو گھڻو وري سرڪار جي عدم توجه جي ڪري تباهي ڪناري تي وڃي پهتو آهي. سنڌ جي ورهاڱي کان ٽي ڏهاڪا پوءِ تائين سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري جا 30 کان به وڌيڪ ڪارخانه ۽ لاتعداد ننڍيون صنعتون، گودام موجود هئا. پر اڄڪلهه ٻه يا ٽي ڪارخانه ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون صنعتون موجود آهن. اجرڪ جا دلڪش، من موهيندڙ ۽ چمڪندڙ رنگ هاڻي ڦڪا ۽ هلڪا ٿيندا پيا وڃن، بچيل اجرڪ جا مرڪز گھڻي قدر ڏکڻ سنڌ جهڙوڪ ٺٽه، نصرپُور، ٽنڊو محمد خان، شاه مير، سعيد پُور، مُلاڪاتيار، مٽياري، هالا، ڀٽ شاه ۽ ماتلي ۾ موجود آهن جڏهن ته اُترئين سنڌ ۾ فقط سکر بچيل آهي. حڪومت کي کپي ته پنج هزار سالن کان به وڌيڪ قديم تهذيب جي وارث اجرڪ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ عملي اُپاءُ وٺي ۽ اجرڪ جي ڪاريگرن جي مالي سهائتا لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ته جيئن اجرڪ جهڙي عظيم ثقافت کي مڪمل تباهي کان بچائي سگھجي .حوالو(سنڌ گزيٽ