سنڌي ادبي سنگت جو مقصد

سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بقا، بهبوديءَ ۽ ترقي لاءِ ڪوشش وٺڻ

 سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ

پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائڻ ۽ جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرائڻ

سنڌ ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ

سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن ۽ اديبن جي فن ۽ فڪر جي باري ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ ورسيون ملهائڻ

سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ

 سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ

اديبن، شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد لاءِ هڪ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، جنهن جو نالو سنڌ سنگت، ڀلائي ٽرسٽ هوندو

 سنڌ سنگت پاران ٽماهي ادبي مخزن جاري ڪرڻ، جنهن جو نالو سنگت هوندو

تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپائڻ

معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليقن کي سنڌيءَ ۾ترجمو ڪرائڻ

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جي آئيني حيثيت 6 آگسٽ تي ختم .هاء ڪورٽ حيدرآباد طرفان

انعام شيخ ۽ رسول بخش درس تي مشتمل ڪميٽي 29 آگسٽ تيائين پنهنجي سفارش ڪورٽ ۾ پيش ڪندي

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس پريل دايو جي صدارت ۾ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ ٿي گذريو

گهڻ ٻولي مشاعرو جي صدارت ذوالفقار سيال ،مهمان خاص راحت سعيد ۽ پنجاپي،بلوچ،پشتو،براهوي شآعر اسٽيج تي ويٺل

 

سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ارڙهن فبروري 2018 تي اختر ڪاٽيج قاسم آباد ۾ مرڪزي آفيس ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

 

سال 2016ع  کي امن سال ڪري ملهائڻ جو  فيصلو   ،  سرگرميون

سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته 2016ع سال کي امن، ڀائيچاري ۽ ادب جو سال ڪري ملهايو ويو.ان سلسلي ۾ امن مشاعرا،ليڪچر ۽ سيمينار ڪري وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي سميت سمورن غير جمهوري،غيرفطري روين خلاف سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن پنهنجو پيغام علم ۽ شعور ذريعي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي نه صرف پوري ملڪ پر پوري عالم ۾ سنڌ جي پرامن عڪس کي دنيا اڳيان آڻي سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري ان سلسلي ۾ به پوري سال تائين جوش جذبي سان  ڪم ڪيو

دادو ۾ امن مشاعري جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪري رهيو آهي