سنڌي ٻولي بابت سنڌ اسيمبلي طرفان قرارداد پاس ڪرڻ تي پريس رليز
 

   

                       سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري پريل دايو، خزانچي ذوالفقار گاڏهي، آڊيٽر فقير محمد انڙ ۽ پريس ترجمان زاهد راڄپر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ 5 دفعو ٺهراءُ پاس ڪيو آهي جيڪو ٻوليءَ ڏانهن هڪ مثبت قدم ته آهي پر اڃا تائين سنڌ حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ ۾ سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نه وري ٺهراءَ ۾ خانگي تعليمي ادارن کي لازمي سنڌي پڙهائڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو سنڌي ٻوليءَ سان افسوس جوڳو رويو اهو به آهي ته اهي ايوان اندر سنڌي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن نه ئي وري حڪومتي وزير ڪابينه جي اجلاسن ۾ سنڌي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنڌي ٻوليءَ سان سنجيده آهي ته آئين جي آرٽيڪل نمبر 251 جي شق نمبر 3 کي لاڳو ڪري سگهي ٿي پر سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلي ميمبر ان ڏس ۾ ڪوبه مثبت ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ رڳو ٽوپي ڊرامو ڪري رهيا آهن جنهن جو ثبوت ٻولي جهڙي اهم ٺهراءَ وقت سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ميمبرن پاران بائيڪاٽ ڪرڻ هو ۽ ٻولي بابت بحث نه ڪرائڻ جا بهانا به ٻولي بابت حڪومت ۽ اسيمبلي ميمبرن جي نيت پڌري ڪن ٿا ته اهي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ رڳو مصلحت پسنديءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن. هنن چيو ته پ پ حڪومت سنجيده هجي ته سينيٽ ۾ سندن اڪثريت واضح آهي اتان به اها قرارداد پاس ڪرائي سگهن ٿا ۽ 18 ترميم ذريعي به مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو مسئلو حل ڪري پئي سگهيا پر ائين نه ٿيو جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ روزانو مسئلا وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاران ٻوليءَ اهڙي غير مناسب رويي تي سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاجي خط لکيو ويندو. هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ مسلسل عمل جي ميدان ۾ آهي. سنگت پاران اڳ به سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي خط لکيا ويا هئا هاڻي به خط لکي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. هنن سنڌ جي ساڃاهه وندن سياسي، سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌي ٻولي کي عملي طور قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ حڪومت تي دٻاءُ وجهن جڏهن ته سنڌ لئنگيج اٿارٽي کي پڻ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

زاهد راڄپر

مرڪزي پريس ترجمان سنڌي ادبي سنگت (سنڌ)

03002845176

واپس