مادري ٻولين جي بل جي  اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان مخالفت جي مذمت
 

   

        سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري پريل دايو، خزانچي ذوالفقار گاڏهي، آڊيٽر فقير محمد انڙ ۽ پريس ترجمان زاهد راڄپر پنهنجي بيان ۾ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ پاران سنڌيءَ سميت مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل رد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فنڪشنل ليگ جي سينيٽر سيد مظفر علي شاهه پاران بل جي مخالفت ڪرڻ تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ بابت مسلم ليگ فنڪشنل جو ٻٽو رويو آهي هڪ طرف سنڌ اسيمبلي ۾ قرار داد پيش ۽ ٻئي طرف وري سينيٽ ۾ مخالفت ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري مسلم ليگ فنڪشنل کي سنڌي ٻولي بابت پنهنجو موقف سنڌ جي عوام آڏو چٽو رکڻ گهرجي ۽ سيد مظفر علي شاهه کان ان بابت سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.. هنن چيو ته سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل رد ڪري ملڪ جي قديم مادري ٻولين سان ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ انهن ٻولين جو بنيادي حق آهي جنهن سان مادري ٻوليون ترقي ڪنديون. ڇاڪاڻ ته موجوده ٽئڪنالاجي جي دور ۾ مادري ٻولين لاءِ خطرا وڌي ويا آهن جنهن ڪري انهن کي بچائڻ لاءِ قانوني تحفظ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته ملڪ اڳ ئي ٻولي معاملي تان ٻه اڌ چڪو آهي ۽ هاڻي به قومن ۾ ٻوليءَ سميت وسيلن واري معاملي تي شديد احساس محرومي ڇانيل آهي اهڙي صورتحال ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل رد ڪرڻ جو مقصد ٻولين سان دشمنيءَ وارو وير رکڻ آهي. هنن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ سان هڪ طرف قومن مان احساس محرومي گهٽ ٿيندي ۽ مادري ٻولين کي ترقي ۽ تحفظ ملي ويندو. ان ڪري ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ٻولين جي حساس مسئلي تي انتهائي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪري فوري طور مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪن ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند حڪمرانن تي مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وڌائين.

هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن سنڌي لئنگيج اٿارٽي ۾ اهليت جي بنياد تي  عبدالغفور ميمڻ جي بطور چيئرمين نامزدگيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته آهي ته چيئرمين لاءِ سمورا اميدوار احترام لائق آهن پر انهن مان وڌيڪ اهليت جي بنياد تي چونڊ ادارن لاءِ بهتري واري صورتحال آهي. هنن اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ اداري ۽ ٻوليءَ لاءِ بهتر ڪم ڪري اداري کي مثالي ادارو بڻائيندو ۽ ٻولي کي ترقي وٺرائيندو. هنن چيو ته اميد ڪجي ٿي ته وزير اعليٰ سنڌ به سرچ ڪميٽيءَ جي سفارش کي مان ڏيندو.

 

زاهد راڄپر

مرڪزي پريس ترجمان سنڌي ادبي سنگت (سنڌ)

واپس