رسول بخش پليجو جي وصال تي تعزيت ۽ ٽي روز سوڳ جو اعلان

رسول بّخش پليجو

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف، خزانچي عرس اوٺو، آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو  سنڌ جي برک اديب، دانشور، ڏاهي، مفڪر، نقاد ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جي وفات تي انتهائي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس وفات کي سنڌ، سنڌي ادب ۽ نظرياتي سياست لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته رسول بخش پليجي سڄي زندگي علم، ادب ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وقف ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ علمي، ادبي، تاريخي ڪتاب پڙهڻ لاءِ سجاڳي پئدا ڪئي. هن پنهنجي سحر انگيز تقريرن ذريعي لطيف جي پيغام کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهچايو کيس لطيف تي وڏو عبور حاصل هو جڏهن ته رسول بخش پليجي پهريون ڀيرو سنڌ جي عورتن ۾ سجاڳي جي لاٽ ٻاري ادب ۽ سياست ۾ عورتن کي اڳئين صف ۾ وٺي آيو. رسول بخش پليجي ڪوٽ لکپت جو قيدي، وڳ ڪيئن وسرياءِ، صبح ٿيندو، انڌا اونڌا ويڄ، جيڪي بنگال سان ٿيو، مائوزيتونگ، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين، سندي ذات هنجن سميت اڻ ڳڻيا ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا. هنن چيو ته رسول بخش پليجي دنيا جي بهترين چونڊ شاعرن جي شاعريءَ کي سنڌي ويس پهرائڻ سان گڏ جڳ مشهور نظم جهان کي ڏيو مبارڪون ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت نظم لکيا، سندس شروعاتي ادبي دور سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو ۽ هن سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار ڪلاسن ۾ حصو ورتو ۽ ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيد جا بنياد پڻ مضبوط ڪرڻ سان گڏ ترقي پسند ادب جي اوسر ڪئي ۽ ترقي پسند شاعرن، اديبن جو مدلل دفاع ڪيو. هنن چيو ته سنڌ لاءِ زهر قاتل ڪالاباغ ڊئم خلاف سنڌ ۾ ڀرپور جاڳرتا پئدا ڪئي ۽ هر فورم تي ان کي سنڌ خلاف گهري سازش قرار ڏنو جنهن ڪري ڪالاباغ ڊئم خلاف سنڌ ۾ وڏي تحريڪ اڀري اٿي ۽ ڪالاباغ ڊئم کي رد ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جون شاخون ٻيون سموريون سرگرميون معطل ڪري رسول بخش پليجي کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ خصوصي گڏجاڻيون گهرائي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪن. ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو هڪ وفد رسول بخش پليجي جي تدفين وارين رسمن ۾ شرڪت ڪئي