قومي اڳواڻ ۽ قلم ڌڻي قمر ڀٽي جي وڇوڙي تي تعزيت

قمر ڀٽي

حيدرآباد 25 مارڄ 2018
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار سيال، جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، خزانچي عرس اوٺو، آڊيٽر ڄام محبت سهتو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ پرست اڳواڻ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته قمر ڀٽي جي لکڻين، سياست، سوچ ۽ نظرئي جو محور فقط سنڌ هئي ۽ هن جي اکين جو سپنو سنڌي ماڻهن جي خوشحالي هئي. هنن چيو ته سنڌ جي اهڙي سچيت قلمڪار جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن، عهديدار انتهائي ڏکارا آهن. هنن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ سنگت جا ڪارڪن، عهديدار، شاعر، اديب سنڌ سنگت باڊهه جي سرگرم ساٿين سيڪريٽري غلام محمد ڀٽي ۽ ڪائونسلر هوش محمد ڀٽي، دودو ديشي سان سندن چاچي ڀائو قمر ڀٽي جي وفات تي ڏک هن گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ آهن