يوسف سنڌي ،آدرش ۽ ٻين اديبن کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج جو سڌ 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، خزانچي عرس اوٺي، آڊيٽر ڄام محبت علي سهتي پنهنجي بيان ۾ سنڌ اندر قلم ڌڻين سان ٿيندڙ انتقامي ڪارروائين تي انتهائي گهري ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪجهه عرصي اندر سنڌ جي قلم ڌڻين سان ڪارروائيون وڌي ويون آهن. هنن چيو ته پهريان راڄوخاناڻي ۾ نامياري شاعر خاڪي جاني خلاف سازش تيار ڪئي وئي ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي جي گهر تي پوليس چڙهائي ٿي جنهن ۾ سندس گهرڀاتين تي تشدد ڪيو ويو ۽ يوسف ۽ سندس پٽ منظر کي بيگناهه گرفتار ڪري غائب ڪيو ويو، هاڻي وري شڪارپور جي قلمڪار آدرش کي سچ لکڻ جي پاداش ۾ کيس ٿاڻي تي گهرائي ٻيهر سچ نه لکڻ بابت لکت ورتي وئي. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ڪجهه لڪل هٿ سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن کي پنهنجي گرفت ۾ رکڻ لاءِ مختلف طريقن سان هٿ ڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن پر سنڌ سنگت جي پورهيت ڪارڪنن کي انتقامي ڪاررواين ذريعي کين جهڪائي من پسند نتيجا حاصل ڪري نه ٿا سگهجن. هنن چيو ته قلم ڌڻين سان ٿيل انتقامي ڪاررواين جو ازالو نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ سنگت جا پورهيت ڪارڪن رستن تي نڪري سخت احتجاج ڪندا