نواب ولي محمد ۾ سرڪاري آشريواد سان زمين تي قبضي لاءِ 5 ماڻھن جي قتل واري واقعي تي سخت احتجاج

حيدرآباد(پ.ر) حيدرآباد(پ.ر) سنڌي ادبي سنگت نواب ولي محمد ۾ سرڪاري آشريواد سان زمين تي قبضي لاءِ 5 ماڻھن جي قتل واري واقعي تي سخت احتجاج ڪندي، سنڌ جي سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاج جي حمايت ڪئي آھي،جنهن تحت سڀاڻي  15 فيبروري تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي هڙتال ۾ پڻ سڄي سنڌ ۾ قلمڪار شامل هوندا.  ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي ۽ پريس ترجمان نجيب چانڊيو چيو آھي ته سنڌ ۾ بربريت جو نظام لاڳو ڪري انسانن کي ڪونجن ۽ ڪبوترن وانگر ڪُٺو پيو وڃي، نواب ولي محمد ۾ ڀنڊ ڌر جي 5 ماڻھن کي زمين تي قابض ٿيڻ لاءِ قتل ڪرڻ وارو واقعو سنڌ ۾ زرداري راڄ جو ڀيانڪ چهرو آھي جنهن مان پيپلزپارٽي جي جمهوريت جي ڪوڙي دعويٰ پڌري ٿي پئي آھي ۽ لڳي ايئن رهيو آھي ته آصف زرداري پنهنجي عزيزن کي قبضا ڪرڻ ۽ ماڻھو مارڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي جو 48 ڪلاڪن کان روڊن تي پيل 5 ماڻھن جا لاش کڻي انصاف جي منتظر سنڌ آڏو مراد علي شاھ جي سرڪار جوابداري ۽ ذميواري ڏيکارڻ بجاءِ قاتلن جي ساٿاري بڻيل آھي هنن مطالبو ڪيو ته نواب ولي محمد واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف سنڌ ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو نواب ولي محمد ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي