سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي آن لائن گڏجاڻي نون صوبن ٺاهڻ خلاف
 

حيدرآباد پ ر؛

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال، عورت جوائنٽ سيڪريٽري عين سحر، خزانچي اعظم ڀٽي، آڊيٽر مظهر خاصخيلي ۽ پريس ترجمان اياز لطيف دايي پنهنجي آن لائين گڏجاڻي بعد پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ صوبن کان اختيار واپس وٺي وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ واري وفاق جي پيش رفت کي اڳتي وڌائيندي سيد خورشيد احمد شاھ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميٽي واري عمل تي اسان کي سخت خدشات آهن. هنن چيو آهي ته اهڙي ڪميٽي کي سنڌ جي ميمبرن کي قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي ها پر ٻٽي مڪاني نظام جيان مخصوص پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن پاران پيش قدمي جي سنڌي ادبي سنگت نه صرف مذمت ٿي ڪري پر سنگت ۽ سنڌ جي ساڃاهه ٻٽي مڪاني نظام جيان ان کي سنڌ جي وحدت خلاف وار سمجهندي سخت مزاحمت پڻ ڪندي. سنڌي ادبي  سنگت جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلي مطابق ان سلسلي ۾ اڪيلي سر ڪي فيصلا ڪرڻ کان اڳ سمورن سياسي, سماجي, ثقافتي تنظيمن، ساڃاهه وندن ۽ بار ڪائونسل جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪري گڏيل ماحول جوڙڻ جون ڪوششون ڪبيون. هنن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ جون سموريون سياسي, سماجي ۽ ثقافتي ڌريون ان تي ڪا گڏيل جدوجهد ڪنديون ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجي ڌرتي لاءِ سندن سربراهي ۾ ساڻن  عملي طور گڏ گڏ هوندي پر جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت کي اڪيلي سر ذميواري کڻڻي پئي ته ان کان به پوئتي نه هٽبو ۽ ضرورت پئي ته ملاقاتن بعد گڏيل ڪانفرنس پڻ گهرائي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، شفيع محمد چانڊيي، نعيم ملڪ، آغا ظفر، انو سولنگي ۽ علي دوست ملوکاڻي کي ذميواريون سونپيون ويون آهن ته اهي سمورين ڌرين سان رابطا ڪري ڄاڻايل معاملي تي جدوجهد لاء گڏيل تحرڪ ۽ ردعمل ظاهر ڪرڻ بابت اڳڀرائي واريون ڪوششون ڪن . ساڳي وقت نامياري شاعره ۽ سنڌي ادبي سنگت جي  عورت جوائنٽ سيڪريٽري عين سحر کي سياسي ۽ سماجي پارٽين جي عورت ونگ جي اڳواڻن سان فوري رابطا ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي. گڏجاڻي ۾ ضلعي سطع تي سنڌي ادبي سنگت جي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي پڻ چيو ويو آهي ته هو ضلعي سطح تي توڙي مقامي سطح تي ڪميٽيون جوڙي ضلعي جي بار ڪائونسل ۽  سياسي سماجي ڌرين سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي وحدت تي متوقع وار خلاف  گڏيل راء جوڙڻ جون ڪوششون ڪن. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جا قلمڪار ڌرتيءّ جي وارثيءّ تان هٿ نه کڻندا ان ڪري سمورا ڪارڪن پاڻ کي جدوجهد لاءِ تيار رکن.

 

اياز لطيف دايو

پريس ترجمان

سنڌي ادبي سنگت سنڌ

 5ڊسمبر 2022ع