سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز  نون صوبن ٺاهڻ خلاف علامتي بکڙتال  
 

سکر(پريس رليز) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سموري سنڌ جيان پريس ڪلب سکر جي آڏو نون صوبن جي قيام لاءِ جوڙيل ڪاميٽي واري عمل جي خلاف بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جنهن جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڪئي، انهيءَ موقعي تي جيئي سنڌ جي محاذ جي اڳواڻن اسد سومرو، حاتن خان شر، سيد لعل شاهہ، ڪمال مهر، نذير شيخ، اڪرم ميتلو، عيدن جاگيراڻي کان علاوهہ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پريس ترجمان اياز لطيف دايو،سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي ،خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي مختلف شاخن جي ڪارڪنن ڊاڪٽر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي رياض چانڊيو ڳالهائيندي چيو تہ موجوده وفاقي سرڪار سنڌ جي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن سازشن کي گڏيل طاقت سان ناڪام بڻايو ويندو، انهيءَ موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڳالهائيندي چيو تہ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اهو ڪنهن حق ڏنو آهي تہ نون صوبن جي قيام جي لاءِ جڙتو ڪاميٽين جو اعلان ڪري، هن رياست جي قيام کان وٺي سنڌ جي خوشحالي سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊن وانگر چڀي رهي آهي، سنڌ جي سڀني وسيلن تي بہ قبضو ڪيو ويو آهي، پر هو سنڌ جي ورهاڱي جي مڪروهہ ارادن سان قانون سازي جي سوچ رکي رهيا آهن، پر انهن کي خبر هجي تہ سنڌي ٻوليءَ جا اديب، ليکڪ ۽ دانشور ون يونٽ جي خلاف بہ قومي جدوجهد ۾ شريڪ رهيا آهن ۽ هاڻي اهڙين نام نهاد ڪاميٽين کي قبول نٿا ڪن ۽ اسان مطالبو ٿا ڪريون تہ اهڙي ڪاميٽي کي ختم ڪري فوري طور تي سنڌي ماڻهن جي بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.
ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جي سيڪريٽري شاهنواز پنهنجن ٻارڙن ء نياڻين سميت شرڪت ڪئي ته سندن ڀرپور آجياننڪئي وئي.

 

حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي بک هڙتالي ڪئمپ تي سنڌي ادبي سنگت مٽياري جو رابطا سيڪريٽري سيد امداد شاھ اڳوڻو خزانچي نعيم ملڪ ضلعي رابطا، سيڪريٽري ڄامشورو صائب ميمڻ، خيال کتري، رفيق احمد سومروسهراب خان ٻاٽي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي ،اياز لطيف ۽ ٻين سان پريس ڪلب حيدرآباد جي سامهون بک هڙتال تي ويٺل.

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي نون صوبن خلاف لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪيل بک ھڙتالي ڪيمپ تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي حڪم تي ضلعي رابطا سيڪريٽري وفا صالح راڄپر ۽ سنڌ سنگت جي اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري ملهار سنڌي سميت ٻين جي شرڪت
هن ڪئمپ جي ميزباني عوامي جمهوري پارٽي ڪري رهي آهي

سنڌي ادبي سنگت ڪراچيء جو وفد اصغر باغي ، استاد حنيف لاشاري ، شبير لاکو ، قلندر بخش ملاح ، نصرالله ناز ابڙو ۽ سرفراز سومرو، لالڻ چني جي اڳواڻيء ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران 24 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال ۾ شريڪ ٿيو.

نوان صوبا ٺاھڻ جي سازش خلاف سنڌ ائڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب نواب شاھ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نمائندگي ڪندي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال،دوست ملوکاڻي،ارشاد بلر۽ ٻيا