وصف_   نظم

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکيا (شاعري) > نظم فني جوڙجڪ

نظم؛_نّظم عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي لفظي معني آهي ملائڻ ء لغوي معني آهي پوئڻ .سنڌ جي روايتي شاعري واري دور ، ارڙهين صدي ڌاري مرثيا ،جنگناما ء هجويه نظم لکيا ويا . مرثيا،مسدس، مخمس،مربع به نّظم جو حصو  آهن.نظم ۾ هڪڙي سٽ،مصرع شعر يا بند کي الڳ حيثيت نه آهي بلڪ سمورن مصراعن جي ميلاپ سان هڪ مڪمل شڪل پيدا ٿيندي آهي.نظم هندي ڇند وديا موجب(ماترائون ڳڻپ) ء علم عروض(بحر ،وزن) ۾پڻ لکيا ويندا آهن.ان موجب بحر وزن جي ڪا مقرر پابندي نه هوندي آهي لحاظه قافيي جو هجڻ ضروري آهي.نظم ۾ حمد،نعت، مولود،مرثيو،نوحه سميت ڪافي صنفون ٻيون به اچن ٿيون.مسمط نظم يعني سٽن جو تعداد واري نظم کي چئبو آهي.جنهن موجب نظمن  کي سٽاء لحاظ کان اٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ مثلث(لڳاتار 3 مصرعن)،مربع(لڳاتار چار مصرعن)،مخمس(لڳاتار 5 مصرعن) مسدس(لڳاتار 6 مصرعن)،مسبع(لڳاتار ست   مصرعن)،ء  مثمن(لڳاتار 8 مصرعن) تي لکيا ويا آهن حوالو؛سنڌي م شاعري صنفون ء صنعتون:     سمجهاڻي لاء ٿورو انتظار ڪندا  

.

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛هڪ اکر اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

  لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو