وصف_   ڪافي

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکيا (شاعري) > ڪافي جي  فني جوڙجڪ

ڪافي؛_هي لوڪ ادب جي صنف آهي.ڪافي ۾ وڌاء يا مبالغو نه هوندو آهي.عربي ۾ قفه جي معني آهي دڦ جي ڪاٺي جنهن ۾ گينگهرو پيل هجن.تاهم مۡتلف ليکڪن پنهنجي پنهنجي راء ڏني آهي.ڪافي جو سٽاء مصرع ۾ ڪٿي هڪ سٽو ڪٿي ڏيڊو ء ڪٿي سوائي ته ڪٿي ٻيڻو به ٿئي ٿو.اڪثر ڪافيون هيڪوڻيون يا ڏيڊوڻيون ملن ٿيون.وڌيڪ پڙهو؛سنڌي م شاعري صنفون ء صنعتون:   ڪافي جو پهريون قسم

.ٿل؛ياد ڪرين تان ياد ٿئين،لائي  نوان نت نينهڙا

ايء يادگيريء يار جي،ڪوڙا ڪٽڻ هت ڏينهڙا

مصرع؛جي وساريندين ته وسري تون به ويندين ويسڙا

فاذڪروني في الحقيقت،سڻ اهي سنيهڙا

______________________________________

سمجهاڻي؛ٿل ٻن سٽن تي هوندو آهي جيڪي پاڻ ۾ هم قافيو هوندا آهن.مصرع ۾ ٻه سٽون هونديون آهن جيڪي پڻ ٿل سان هم قافيو هونديون آهن

___________________________________________________________________

ٻيو قسم؛

ٿل؛بيٺا ٿي اچي بيپرواه،سجڻ سڪندن کي اڄ سامهون

مصرع؛پرين پري کان پاتي جهاتي،اڀري جيئن تارو پرڀاتي

ٿيو صبح ڪيو شمس شعاع،ويئيون رات فراق جون شامون

سمجهاڻي؛ٿل هڪ سٽ جو هوندو آهي.مصرع ۾ ٻ سٽون هونديون آهن.پهرين سٽ وراڻي سان هم هم قافيو نه هوندي آهي جڏهن ته ٻي ٿل سان هم قافيه هوندي آهي.

ٽيون قسم؛سمجهڻ ضروري نه آهي

نوٽ؛هن صنف تي رهنمائي ڪندڙ کي دعوت ڏجي ٿي.

 

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛هڪ اکر اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

  لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو