سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکيا (شاعري) > جديد سنڌي شاعري تعرف ء فني جوڙجڪ

:  

جديد شاعريءَ جو تعارف

شعر جو لفظ عربي لفظ ”شعور“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ.“ اصطلاح ۾ شعر انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو علم عروض جي وزن ۽ بحر تي موزون ڪيل هجي.

نظم ۽ آزاد نظم؛شعر هڪ قدرتي ڏات آهي، جيڪا قدرت ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ امانت طور رکي آهي. نظم جي لغوي معنيٰ آهي ”پرکڻ“ اسان کي جيڪڏهن ڪو جملو چوڻو هجي پر اهو سهڻن لفظن ۾ ذڪر ڪنداسين ته ٻڌندڙ کي متاثر ڪندو. پر جيڪڏهن اُن جملي کي هڪ مقرر ڪيل بحر ۽ وزن جي ڌاڳي ۾ پوئي بيهاربو ته ”نظم“ چئبو، سنڌي شاعريءَ ۾ نظم پراڻي صنف آهي، پر جديد نظم ان کان پوءِ جي ٻي ڊول جي شاعري آهي. سنڌي جديد شاعري بين الاقوامي طور ادبي اٿل جي نتيجي ۾ اُسري سامهون آئي. سڄي دنيا ۾ ڪلاسيڪل ادب کان پوءِ هڪ جديد نئين ادب جو لاڙو سامهون آيو، جنهن ڪري نثر توڙي نظم ۾ ڪافي تبديليون آيون.
سنڌي شاعريءَ ۾ جديد شاعريءَ کان اڳ ڪافيون، وايون، گيت. بيت ۽ لوڪ شاعريءَ جون مشهور صنفون رائج هيون، پر جديد شاعريءَ نظم، آزاد نظم، هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ وغيره کي متعارف ڪرايو. سنڌي نظم ۽ آزاد نظم جي شاعريءَ ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ جديد نظم جو موضوع معاشي ۽ طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏيندڙ ڪئين قومي ۽ بين الاقوامي حالات آهن. ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ظلم خلاف آواز آهي ۽ ٻيا ڪئين انساني زندگيءَ جا مسئلا آهن. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانون به ڪڏهن ڪڏهن موضوع بڻيون آهن. جيئن شيخ اياز جو ”دودي سومري جو موت“ منظوم ڊرامو، نظم ۾ شاندار لکيل آهي. نارائڻ شيام، هري دلگير، شيخ اياز، شيخ راز، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، نياز همايوني هن تحريڪ کي جلا بخشي. ٻئي دؤر ۾ امداد حسيني، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، زيب ڀٽي، تاج جويو، نصير مرزا، ادل سومرو، شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ ڪئين ٻيا جن نظم ۽ جديد آزاد نظم کي همٿايو ۽ ترقي ڏياري، ڪئين مجموعا سامهون آيا، جيئن ”اصناف خيالي“  بشير مورياڻي، ”لاٽ“، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، ”رڳون ٿيون رباب“، شيخ اياز جا مشهور نظم جا مجموعا آهن. عورتن ۾ شبنم موتي، سحر امداد، مريم مجيدي، نور الهديٰ شاهه، سلطانه وقاصي ۽ ٻيون ڪئين جديد شاعري لکي رهيون آهن.
هندستان ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، هري ڪانت،ريٽا شهاڻي، روپڪمار، پريم پرڪاش ۽ ڪيترائي ٻيا بهترين شاعر نظم ۽ آزاد نظم لکي رهيا آهن، جنهن کي ڊاڪٽر ”ديال آشا“ جن ”سنڌي شعر جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا 1984ع ۾ لکي ويئي آهي. ان ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن ۽ انهن جي شعرن جي نمون جو احوال ڏنل آهي.جديد شاعري ۾آزاد نظم؛هائيڪو  سانيٽ ترائيل شامل آهن
 
   
 

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛هڪ اکر اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس