جبري گمشده ماڻهن جي رهائي ۽ پويرن سان تشدد خلاف احتجاجي سڏ  

وارثن جي ڳولا لاء سندن گهر ڌڻي

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف، خزانچي عرس اوٺو، آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان غائب ڪيل سياسي ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ سنڌي نياڻين پاران ڪيل احتجاج تي چڙهائي ڪرڻ ۽ سنڌي نياڻين کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن ماڻهو جو جمهوري حق آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ڀائرن، پيئرن جي آزاديءَ لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد ڪري ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته عورت تي تشدد ڪرڻ لاءِ ڪوبه اخلاقي، قانوني جواز موجود ناهي جنهن ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نياڻين تي تشدد ڪري بربريت جو مثال قائم ڪيو آهي. هنن چيو ته جمهوري طريقي سان پرامن نموني احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد ڪرڻ سان قومن ۾ پئدا ٿيل احساس محرومي وڌي ويندي. هنن چيو ته غائب ڪيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽ غائب ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪڏهن انهن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل ٿيل آهي ته اهي ڪيس ظاهر انهن کي پنهنجي دفاع جو مڪمل طور حق ڏنو وڃي

واپسي