صنف   هائيڪو جي وصف

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکڻ ـسيکارڻ (شاعري) > هائيڪو سکيا

جپاني هائيڪو (Haiko ):’هائيڪو‘ يا ’هوڪو‘ هڪ مختصر نظم (Miniature Poem) آهي، شاعريءَ جي هيءَ صنف جپاني لمبي نظم -ٽنڪا- (Tenka) مان نڪتي آهي. هائيڪو معنيٰ شروعات، -ان- ڪري هن مختصر نظم جو نالو ئي شروعات (Haiko) پئجي ويو. -ان- جو گهاڙيٽو پنج ست پنج ماترائون آهي، جيئن غزل مان قطعو ۽ فرد الڳ صنف ٿي پيا، تيئن رينگا مان هائيڪو. ڌار صنف بنيو آهي، هائيڪي جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. روايتي طور هن صنف جا بنياد وجهندڙ مارتيڪ ۽ سوڪن هئا. هنن جي شعر ۾ اڪثر طنز هوندي هئي. -ان- کان پوءِ ٽيٽوڪو هن صنف کي رينگا ڏي موٽائڻ چاهيو ۽ فني باريڪين جا ڏاڍا ڏکيا قانون گهڙيا. ڊئنزن اسڪول، (جنهن جو پايو سوئن (821-1605ع) وڌو). اهڙن لاڙن جي خلاف ڪم ڪيو. آخر -باشو- هن صنف کي سوڌي، سنواري جرڪائي ڇڏيو ۽ هائيڪو کي آخري شڪل ڏني. هن ننڍڙي ۽ مڪمل نظم جون ڪجهه فني ضرورتون به آهن، جهڙوڪ: (1) هائيڪو ستن ۽ پنجن ماترائن تي مشتمل هوندو آهي، سنڌيءَ ۾ لکيل هائيڪو جي پهرين ۽ آخري سٽ جو قافيو آهي. (2) هائيڪو لاءِ ضروري آهي ته -ان- ۾ فطرت جو ذڪر هجڻ ضروري آهي. (3)ڪنهن خاص واقعي ڏانهن اشارو هجي، (4) -ان- واقعي جي ڪنهن مسلسل عمل کي (ٿي رهيو هجڻ جي حالت ۾) قلمبند ڪيو وڃي، يعني هلندڙ جو صيغو استعمال ڪيل هجي.
آءُ درازا هل!
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجو هڪ سچل

(سنڌيڪا جي ٿورن سان .
 

      هائيڪو گهاڙيٽي لحاظ کان پنجن ستن ماترائن تي مشتمل ٿيندو آهي.هن ۾ ٽي سٽون هونديون آهن. پهرين  ۽ آخري سٽ  هم قافيا هوندي آهي.   هائيڪو ۾ ٽي عنصر اهم آهن جن ۾ ڪڏهن ،ڪٿي ،ڇا متعين ڪيل هوندي آهي.

آءُ درازا هل
تنهنجا سارا مولوي
منهنجو هڪ سچل

وڌيڪ پڙهو؛ سنڏي ۾ شاعري جون صنفون ء صنعتون

هائيڪو ۾ انقلابي شاعريءَ سان گڏ جمالياتي احساس پڻ اُتم آهي.

 ڳالهيون مصري کنڊ،
چهرو ائين پرينءَ جو،
ڄڻ چوڏهين جو چنڊ.
اياز گل

هائيڪو جي اهم خوبي آهي نازڪ و نفيس ۽ دل کي وڻندڙ جذبا واضح ڪرڻ جيڪو شاعريءَ جو اهم اصول آهي. مختصر لفظن ۾ مڪمل ۽ بهترين تاثر هائيڪي جي ٻي خوبي آهي. پُر اثر خيال خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ قدرتي ماحول ۽ محبت توڙي موسم جو ذڪر هائيڪو جي اصولن مطابق آهي. شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن ٽيڙو کي نج سنڌي صنف پڻ قرار ڏنو آهي.

سادا ماڻهو سون،
سنڌ جي ماڻهوءَ مثل،
آهي ڪٿ به ڪونه.
ڪنهن جو چوريو چنگ،
۽ ڇرڪي آواز کان،
اڏري ويو هو ڪنگ.
                (تنوير عباسي)
شيخ اياز جا هائيڪا سنڌي روايتن جا مظهر آهن.
وٽيءَ وهه پيان،
ڏسي ڪنهن ڏي ڏک سان،
ڏوراپو نه ڏيان.
                (شيخ اياز)
پن ڇڻ پڄاڻان 1984ع اياز جو ڪتاب سنڌي ٽيڙو تي مشمل آهي ۽ ”رڻ تي رم جهم“ هائيڪا بهترين آهن ۽ ”واٽون ڦلن ڇانيئون“ شيخ اياز جو هائيڪو تي مڪمل ڪتاب آهي.
چڙن پڙاڏا،
اوٺيئڙا ڳتي ويا.
لڪ لنگهي آڏا،
ٿريليون ٿوهن،
لهرين مٿان هنج ٿا،
جيئن سواري ڪن،
ناهي رات اماس،
پرڀاتي تاري ڏٺو،
وشو مٿان وشواس.
(شيخ اياز ”رڻ تي رم جهم“)
 

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛ اکر يا لفظ اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

 

لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو