غلام حسين رنگريز اڳوڻو مرڪزي سيڪريٽري جنرل  

غلام حسين رنگريز جي زندگي جو خاڪو

اديب،شاعر، نثر نويس، ڪالمنگار سائين غلام حسين رنگريز ميرپور بٺوري جي رهواسي شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ 18 اپريل 1945ع تي جنم ورتو.پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل پڻ آهن.سندس شاعريء جو پهريون ڪتاب اکين اڃ اپار آهي جڏهن تہ نثر ۾ 1.سرمد ڇا ٿو سوچي؟, وکر سو وهاء,. غلام جا ٽهڪڙا,. سونهن، سهائي، سوچ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن جڏهن تہ سندس ڇپائي هيٺ ڪتابن ۾ مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ,. تحرير جي فن جي تاريخ. خانہ بدوش روح جي ڪٿا,. تصوف هڪ تحريڪ ڪتاب آهن. اميد آهي تہ سائين رنگريز پنهنجي تخليقي سگهہ وسيلي سنڌ ڌرتي ۽ سونهن سوڀيا جي باري ۾ لکي رت ست ساري، تيلي ٻاري سندس لاثاني پرسنل آئيني کي جاڳائي اسان کي ان جا اولڙا ۽ عڪس پسائڻ جو موقعو فراهم ڪندو رهندو