سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي لائيو گروپ سنگت روح رهاڻ پاران غير طرحي امشاعرو

 

صدارت ممتاز مصطفي دوست مهمان خاص اندرا پونا والا شبنم


رپورٽ غلام حيدر عمران
ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي واٽس ايپ گروپ سنگت روح رهاڻ جي طرفان 15/04/2019 پاڪستاني ٽائيم 9 بجي ۽ هندستاني 30؛9 بجي عالمي غير طرحي مشاعرو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي دنيا جي مشهور ۽ معروف شاعرن حصو ورتو،عالمي غير طرحي مشاعري جو آغاز سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي وائي سان شروع ڪيو ويو ان کان پوءِ شاعرن پنهنجا خوبصورت غزل نظم پيش ڪيا ۽ داد و تحسين حاصل ڪئي، جنهن ۾
عصمت الله چانڊيو ، اخلاق عارباڻي ، اشوڪ شرما ، اشرف علي اشرف ، خادم جسڪاڻي ، اختر اترادي ، محمد حارف لنڊ ، لطيف رداعي ، ڪعنيو شيوهاڻي ، ثناءُ الله لهٻر ، اعظم ڀٽي ، الله بخش آريسر ، باغي بلوچ ، ضمير احمد ، خيال کتري ، غلام حسين مغيري ، کيمن يو مولاڻي ، ساقي عالم جان ڪنڀر ، عبدالحليم درس ، معشوق محسن ابڙو ، نوردين ساگر هري چوئٿاڻي هري ، مظهر چانگ حصو ورتو. هن مشاعري جي صدارت واٽس ايپ گروپ جو باني و چيئرمين سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو اڳوڻو سيڪريٽري مشهور ڪهاڻيڪار افسانگار شاعر ڀٽائي جو پارکو محترم سائين ممتاز مصطفيٰ دوست صاحب ڪئي ۽ مهمان خاص هند ۽ سنڌ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار ، شاعره محترمه اندرا پوناوالا شبنم صاحبه هئي ۽ پروگرام آرگنائزر ۽ نظامت اداره عالمي اردو محفل جو باني و چيئرمين محترم ميهر خان ميهر صاحب ڪئي ۽ رپورٽ جي زميداري محترم غلام حيدر عمران صاحب بهترين طريقي سان نڀائي، ۽ بهترين سکڻ سيکارڻ جو عمل ڪيترو ئي ٽائيم هليو، محترم سائين ممتاز مصطفيٰ دوست صاحب صدارتي راءِ ڏيندي چيو ته روايتي غزل کان وٺي ڪلاسيڪل غزل تائين پڙهڻ جي لاءِ مليا جنهن ۾ رومانس سان گڏ سماجي زندگي جا عکس نمايان طور نظر آيا ، ائين لڳو جيئن سنڌو درياءَ ۾ رهيل استعاره تشبيھون موتي جيئان وهندڙ نظر آيا.
مهمان خاص محترمه اندرا پونا والا شبنم صاحبه راءِ ڏيندي چيو ته هن عاليشان مشاعري جي نظامت اهڙي خوبصورت انداز سان گڏ ترتيب سان هلي رهي جيئن اسان سڀ هڪ آڊوٽريم ۾ گڏ ويهي ٻڌي ۽ اصلاح ڪري رهيا آهيون ۽ چيائين ته جديد دور جي تقاظن کي ڏسندي سنگت روح رهاڻ مسلسل مشاعرا پيش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ احساس ، نازڪ خيالن سان سنڌ شاعرن کي هڪ خوبصورت پيٽفارم ڏنو آهي جيڪو قابل تحسين آهي جنهن جي ڪري سنگت روح رهاڻ پنهنجي هڪ الڳ پهچان ۽ دنيا ٺاهي آهي. هن مشاعري کي آن لائن لطف اندوز ٿيندڙ دوستن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري
سائين زاهد راڄپر ، محترم نيتا لالواڻي صاحبه غلام حيدر عمران ، اداس سولنگي ، منظور ڪلوئي ، الله بخش آريسر ، مظهر چانگ ، طارق علي نوراني ، ايوب جوڻيجو ، نور احمد ميمڻ ، ڊاڪٽر آزاد منگي ، آسي بدر چنه ، آغا نياز مگسي هئا

 


 


وائي تي اصلاحي تنقيدي لائيو مشاعرو وڌيڪ پي ڊي ايف ڊائون لوڊ

ڪافي تي اصلاحي تنقيدي لائيو مشاعرو وڌيڪ  پي ڊي ايف ڊائون لوڊ

گيت تي اصلاحي تنقيدي لائيو مشاعرو وڌيڪ

دهنڪ لنڊن تي پڙهندا

نوٽ_نقاد سان سهمت هجڻ ضروري ناهي.دوست پنهنجي راء ڏئي سگهن ٿا ۽ رهنمائي لاء شڪريو ادا ڪنداسين

 رابطي لاء فون نمبر.03443441993  ممتاز مصطفي دوست ۽ غلام حيدر عمران 03462148354

رپورٽ تيار ڪندڙ غلام حيدر عمران