پير حسام الدين راشدي
پير حسام الدين راشدي: سـنـڌ جــو مـمتاز تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدي، 20 سيپٽمبر 1911ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري ۾، نصرت -اسٽيشن- جي ڀرسان راشدي پيرن جي ڳوٺ -بهمڻ- ۾ ڄائو، جيڪو موهن جي دڙي کان 25-30 ميل پري آهي. سندس والد جو نالو سيد محمد حامد شاهه راشدي هو. پير صاحب ابتدائي -تعليم- مولوي محمد سومار ڊکڻ کان ورتي. -ان- کان پوءِ هن مولوي محمد اليـاس پنهـور ۽ مـولـوي سيد علي شاهه لڪياريءَ کان درس ورتو. انـهـن استادن وٽ چار درجا سنڌي ۽ سڪندرنامي تائين فارسي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انگريزيءَ ۾ -تعليم- خانگي طور نصرت ريلوي -اسٽيشن- جي اُن وقت جي ريلوي ماستر کان ورتائين .هن 1926ع ۾ ’جاڳڻ‘ -اخبار- جي عيوضيءَ طور، صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. -ان- کان پوءِ 1929ع ڌاري هڪ رسالي ’المنار‘ جو ڪجهه وقت -ايڊيٽر- ٿي ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ماهوار -اخبار- ’پيغام‘ جو نمائندو به ٿي رهيو، جيڪا مولوي عبدالڪريم چشتي، شڪارپور وارو ڪڍندو هو. 1930ع ڌاري ’سنڌ زميندار‘ -اخبار- (سکر) جو ساٿي -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. -ان- وچ ۾ پنهنجي -ڀاءُ- پير علي محمد راشديءَ جي رسالي ’الراشد‘ ۾ به ڪم ڪيائين. بعد ۾ 1930ع کان 1934ع تائين ’سنڌ زميندار‘ -اخبار- جو -ايڊيٽر- ۽ 1934ع کان 1937ع تائين ’ستاره سنڌ‘ -اخبار- جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو، جيڪا پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشديءَ گڏجي ڪڍي هئي. پير حسام الدين راشديءَ ڪيترين ئي اخبارن ۾ پس پرده به ڪم ڪيو. -جن- ۾ ’الوحيد‘ ۽ ’قربانيءَ‘ جا نالا قابل ذڪر آهن. جڏهن 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي ته -ان- جي بورڊ ۾ ميمبر ٿي رهيو ۽ آخر تائين -ان- منصب تي رهيو. -ان- کان سواءِ 1957ع ۾ ٽه ماهي رسالي ’مهراڻ‘ جو -ايڊيٽر- پڻ ٿيو. اوائلي ڏينهن ۾ پير صاحب شاعري به شروع ڪئي، تخلص ’فـدائي‘ رکـيـو هئائين. افسانه نويسيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيائين، سندس ڪجهه افـسـانـا ’المنار‘ رسالي ۾ ڇپيا، جيڪو عبدالحميد -ڀٽي- (رشيد ڀٽيءَ جو والد) ڪڍندو هو. 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافت ۾ سرگرم رهيو. سنڌ مسلم ليگ ۾ به ڪجهه وقت رهيو. زمينداري به ڪيائين. افسانوي ادب سان گڏ ٺوس علمي عنوانن تي به لکيائين. قيام -پاڪستان- بعد سياست، صحافت ۽ زمينداريءَ جهڙن مشغلن کي ڇڏي، مستقل طور ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. -ان- طرح باقاعدي تصنيف، تاليف ۽ -تحقيق- جي ڪم ۾ مشغول رهيو. پير صاحب متعدد علمي ادبي، علمي ۽ تحقيقي ادارن جو ميمبر رهيو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ”انجمن ترقيءِ اردو“ جو دفتر، مولوي عبدالحق، دهليءَ کان ڪراچي کڻي آيو ته -ان- بورڊ تي پير صاحب کي شريڪ ڪار طور کنيو ويو. 1958ع ۾ ”اردو ڊولپمينٽ بورڊ“ ٺهڻ سان -ان- جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ آخر تائين -ان- جو ميمبر رهيو. لياقت نيشنل لائبرريءَ جي صلاحڪاري ڪميٽيءَ تي 1949ع کان آخر تائين ڪم ڪيائين. 1958ع ۾ -پاڪستان- سرڪار ’نيشنل ميوزيم‘ ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي، ته -ان- جو به کيس ميمبر ڪيو ويو. 1962ع ۾ -اردو- ڊيولپمينٽ بورڊ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. 1957ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو 1957ع کان 1958ع تائين ميمبر رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ سينڊيڪيٽ جو به 1963ع کان ميمبر ٿيو ۽ پنجاب يونيورسٽي، لاهور جي ريسرچ سوسائٽي آف -پاڪستان- جو 1963ع کان ميمبر رهيو. پير صاحب سنڌ جي -تاريخ- تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو صدين تائين ياد رهندو. پاڻ نه صرف سنڌ جو ناميارو ۽ هاڪارو عالم هو، پر سندس نالو سڄي -ايشيا- کنڊ ۾ هڪ تاريخدان، عالم ۽ محقق طور وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. پير صاحب هڪ وڏو سياح به هو، کيس تاريخي جايون، ميوزيم ۽ ڪتب خانا گهمڻ ۽ ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق هو. -ان- مقصد لاءِ هن 1952ع ۾ عراق، مصر، لبنان، شام ۽ لنڊن جو سير ڪيو. اتي کيس ڪيترن ئي قديم آثارن ۽ تاريخي شين کي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن ئي اديبن سان ملاقاتون ڪيائين. 1956ع ۾ هڪ دفعو وري بغداد، شام ۽ لبنان ويو. 1958ع ۾ -افغانستان- ويو. 1958ع کان 1962ع تائين فلپائين علاج لاءِ ويو، -جتي- -ان- وقت سندس -ڀاءُ- سيد علي محمد شاهه راشدي -پاڪستان- جو سفير هو. اتي کيس -اوڀر- وارا ملڪ ڏسڻ ۽ اتي جي رسمن رواجن کي پرکڻ جو موقعو مليو. 1964ع ۾ -پاڪستان- سرڪار طرفان کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو، -جتي- هن مختلف تاريخي جڳهيون، ڪتبخانا ۽ نئين طرز تي قائم ڪيل ادارا ۽ شهر ڏٺا. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه وقت رهيو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ وطن موٽي آيو. اُن کان پوءِ ايران، روس، چين، -افغانستان- ۽ ٻين ملڪن ۾ سرڪاري توڙي خانگي دورا ڪيائين. سندس تاريخي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ڪيترائي -انعام- اڪرام مليا. 1964ع ۾ کيس حڪومت -پاڪستان- طرفان ”تمغه امتياز“ ڏنو ويو. 1965ع ۾ کيس شهنشاهه -ايران- طرفان ”نشان سپاس- درجه اول“ جو -تمغو- ڏنو ويو. -تهران- يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به ڏني. 1965ع ۾ کيس پاڪ- روس ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد سان چين جي دوري تي ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه -ايران- طرفان پهلوي ڪتبخاني تحت ٿيندڙ -ايران- شناس عالمن جي -بين- الاقوامي اجلاس ۾ کيس ڪوٺ ڏني ويئي. ساڳئي سال -افغانستان- ۾ وڃي سنڌ ۽ -افغانستان- جي گڏيل -تاريخ- تي مواد هٿ ڪيائين. پير صاحب جي عظيم الشان ذاتي لائبرريءَ ۾ ڪيترائي املهه ۽ قيمتي ڪتاب ۽ اڻلڀ قلمي نسخا هوندا هئا. آخري وقت ۾ پير صاحب جي مرضي هئي ته اُها لائبرري سنڌ يونيورسٽي خريد ڪري، پر پوءِ ڪن سببن ڪري اها لائبرري قائداعظم يونيورسٽيءَ جي ملڪيت ٿي وئي. سندس ڪتابن تي مشتمل -بچي- ويل علمي ذخيرو، سنڌالاجيءَ جي حوالي ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئائين، اهي سڀ شيون هن وقت سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهن. آخري عمر ۾ کيس ڪينسر جهڙي مهلڪ بيماريءَ ٿي پئي. ماسڪو جي ڊاڪٽرن کان به مايوس ٿيڻ کان پوءِ لنڊن علاج لاءِ ويو، پر سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ پهرين -اپريل- 1982ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس وصيت موجب کيس مڪليءَ جي قبرستان ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. جڏهن ته سندس خواهش مخدوم معين ٺٽويءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ جي هئي. مشهور جرمن محقق خاتون ڊاڪٽر ائنيمري شِمل جي علامتي قبر به سندس قبر جي ڀرسان ٺاهي وئي آهي. پير حسام الدين راشديءَ جي تصنيفن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) اسلامي ڪتب خانه (ترجمو: 1939ع)، (2) سنڌي ادب (اردو ۾: 1952ع، هن ڪتاب جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسه، ماسڪو مان ڇپرايو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ 1981ع ۾ ڇپيو؛ جيڪو غلام محمد لاکي ڪيو، -ان- جو ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ پڌرو ٿيو. ڪتاب جو -اردو- ايڊيشن به ٻيهر شايع ٿيو[ماهوار: اظهار، مئي 1983ع])، (3) مهراڻ جون موجون (ترتيب ڏنل: هن ۾ رسالي ”نئين زندگي“ ۾ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو -انتخاب- ڏنل آهي. اهو ڪتاب 1956ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1964ع ۾ نڪتو، (4) مثنوي چنيسر نامه (ايڊٽ ڪيل: 1957ع)، (5) مثنوي مظهر الآثار (ايڊٽ ڪيل: 1957ع)، (6) مـقـالات الشعرا (ايڊٽ ڪيل: 1957ع)، (7) تڪمله مقالات الشعرا (ايڊٽ ڪيل: 1958ع)، (8) -تذڪره اميرخاني- (تحقيق: 1961ع، ٻيو ڇاپو: 2005ع)، (9) مثنويات و قصائد قانع (ايڊٽ ڪيل: 1961ع)، (10) -تاريخ مظهر شاهجهاني- (ايڊٽ ڪيل: 1962ع، -ان- ڪتاب جو سنڌي ترجمو نياز همايونيءَ 1979ع ۾ ڪيو، جڏهن ته -انگريزي- ترجمو ڊاڪٽر محمد سليم -اختر- 1990ع) ۾ ڪيو. (11) هشت -بهشت- (ايڊٽ ڪيل: 1963ع)، (12) منشور الوصيت و دستور الحڪومت (ايڊٽ ڪيل: 1964ع؛ سنڌي ترجمو: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، 1996ع ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ ڇپيو)، (13) -ترخان- نامه (ايڊٽ ڪيل: 1964ع؛ سنڌي مترجم: مرزا عباس علي بيگ: 1994ع، ٻيو ڇاپو: 2005ع)، (14) ماڪ ڀنا رابيل (1965ع، نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب)، (15) مڪلي نامه (ايڊٽ ڪيل: شروع ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو: 1956ع؛ ڪتابي مفصل ايڊيشن 1957ع ۾، ۽ وري 1994ع ۾ شايع ٿيو)، (16) مرزا عيسيٰ -ترخان- (تحقيقي: 1967ع)، (17) هفت مقاله (ترتيب: -اردو- ۾ فارسي ادب متعلق ڇپيل مقالن جو انتخاب: 1967ع، (18) حديقة الاوليا (ايڊٽ ڪيل: 1967ع؛ سنڌي ترجمو: ڊاڪٽر عبدارسول قادري: 2007ع)، (19) تذڪره شعراءِ ڪشمير (ايڊٽ ڪيل: 1967ع؛ ٻيو ڇاپو: 1983ع)، (20) تذڪره شعراءِ ڪشمير (جلد اول: تحقيق: 1967ع، ٻيو ڇاپو: 1983ع)، (21) تذڪره شعراي ڪشمير (جلد ٻيو، تحقيق، 1968ع، ٻيو ڇاپو: 1982ع)، (22) تذڪره شعراي ڪشمير (جلد ٽيون، تحقيق: 1968ع؛ ٻيو ڇاپو: 1982ع)، (23) احـوال و آثـار ملـڪ الـشـعـراءِ ابـوالـفيـض فيـضـي (تحقيـق: 1968ع)، (24، 25، 26) تذڪره روضة السلاطين، تذڪره جواهر العجائب، ديوان فخري (ايڊٽ ڪيل: 1968ع، فخري هرويءَ جا هي ٽي ڪتاب هڪ جلد ۾ 1968ع ۾ ڇپيا)، (27) دود چراغ محفل (تحقيق: 1969ع؛ هي ڪتاب غالبيات جي موضوع تي آهي)، (28) تذڪره شعراءِ ڪشمير (جلد چوٿون، تحقيق: 1969ع)، (29) مرزا غازي بيگ -ترخان- ۽ سندس ادبي بزم (اردو، تحقيق: 1970ع، -ايران- ۾ هن ڪتاب جو فارسي ترجمو زير -اشاعت- آهي)، (30) ديوان -بيرم خان- (ايـڊٽ ڪـيـل: 1971ع)، (31) تحـفة الـڪــرام (ايـڊٽ ڪـيـل: 1971ع)، (32) تذڪـره مشـايـخ سيوسـتـان (ايـڊٽ ڪـيـل: 1974ع؛ سـنـڌي ترجـمـو: نياز همايوني: 1979ع، فارسي ۽ سنڌي رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. ڪتابي اشاعت: تعارف ۽ ترتيب: غلام محمد لاکو: 2010ع)، (33) مثنوي مهرو ماهه (ايڊٽ ڪيل: 1974ع)، (34) -تذڪره مشاهير سنڌ- (ايڊٽ ڪيل: 1974ع؛ بعد ۾ هي ڪتاب جلد -اول- طور شايع ٿيو: 1985ع؛ -اردو- ترجمو: ڊاڪٽر عزيز -انصاري- ۽ عبدالله ورياهه: 1991ع)، (35) هُو ڏوٿي هُو ڏينهن (تصنيف: 1977ع؛ ٻيو ڇاپو: 2002ع)، (36) تذڪره رياض العارفين (ايڊٽ ڪيل، جلد اول: 1977ع)، (37) ميــر محمد معصوم بکري (تحقيق: 1979ع؛ ٻيو ڇاپو: 2005ع)، (38) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (مضمون ۽ مقالا: 1981ع؛ ٻيو ڇاپو 2006ع)، (39) تذڪره رياض العارفين (ايڊٽ ڪيل: جلد ٻيو 1982ع)، (40) مراة الجمال (ترتيب: سنڌي، -اردو- ۽ فارسي شعرن جو انتخاب: 1984ع)، (41) ڳالهيون منهنجي سنڌ جون (ترتيب: غلام محمد لاکو: مضمون، خط، تقريرون ۽ انٽرويوز: 1992ع، ڪتاب جو ٻيو وڌايل ڇاپو 2007ع ۾ ڇپـيـو)، (42) مقـالات راشـدي (اردو، مـرتـب: غلام محمد لاکو: 2002ع). -ان- کان سواءِ راشدي صاحب ڪجهه ڪتابن جو ساٿي ليکڪ، مرتب يا -ايڊيٽر- به رهيو. انهن ڪتابن جو وچور هن ريت آهي، (43) بنيادي -اردو- لغت (سنڌي ترجمو جمال رند سان گڏ: 1968ع)، (44) توزڪ جهانگيري، ٻه جلد (اردو ترجمو -اعجاز- -الحق- قدوسي، نظرثاني: پير حسام الدين راشدي، جلد اول: 1968ع، جلد ٻيو: 1970ع)، (45) سماجي اڀياس (اٺين جماعت لاءِ: 1969ع)، (46) سماجي اڀياس (درسي ڪتاب: 1969ع)، (47) هفت زباني لغت (اردو، بنگالي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين تي مشتمل هن لغت جي سنڌي حصي تي پير حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ محمد -انور بلوچ- ڪم ڪيو. لغت 1974ع ۾ ڇپي)، (48) طبقات ناصري (اردو ترجمو: مولانا غلام رسول مهر، نظرثاني: پير حسام الديــن راشدي، ٻه جلد: 1975ع)، (49) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (مختلف عالمن تيار ڪئي، انهـن ۾ پيـر حـسـام الـديـن راشـدي بـه شـامـل هو: 1976ع)، (50) تذڪرة الشعرا (ايڊٽ ڪيل: پروفيسر عبدالغني، نظر ثاني: پير حسام الدين راشدي: 1976ع
04-01