وصف_   بيت

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکڻ ـسيکارڻ (شاعري) > دوهو،سورٺو،بيت سکيا

بيت: سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾، -بيت- قديم -ترين- صنف آهي، جيڪا هزارين سال اڳ موجود هئي. 
قديم دور ۾ ڌرم ڪرم جي سکيا لاءِ، گهڻي انداز ۾ پاٺشالائون هونديون هيون، -جن- ۾ ’پروهت‘ ڌرمي سکيا جا ٻول، سکيا وٺندڙن کي گهڻو ڪري زباني ياد ڪرائيندا هُئا. اُهي ٻول يا جملا ۽ -اشلوڪ- ڪهڙي نالي سان سڏيا ويندا هئا ۽ انهن جو گهاڙيٽو ڪهڙو هو؟ سا خبر ناهي البته موجوده لفظ ”-بيت-“، ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- ۽ ٻين جي بقول اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سنڌ ۾ عربن جي حڪومت واري زماني 712ع  ۾ عام مروج ٻن سٽن واري شعر لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.

 
  بيت:  جي ٻن بنيادي سٽن مان پهرين توڙي پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيي کي آڻڻ، ۽ پڻ انهن ٻن سٽن جي وچ ۾ هڪ سٽ جو وڌائڻ. انهن مان پهرين ايجادن سان -بيت- جي سٽاءَ جون ٽي صورتون وجود ۾ آيون، -جن- مان دوهو ، سورٺو۽ بيت(دوهو+سورٺو)شامل آهن

دوهي جي فني جوڙجڪ ڇند وديا موجب. 
(24) ......................................11+.....................13پهرين سٽ  
(24)....................................11 +.....................13 ٻي سٽ 
دوهو  سمجهاڻي؛پهرئينءَ سٽ ۾ 13 + 11 (ماترائون) هجن. ٻي سٽ ۾ پڻ 13 + 11 ماترائون)  هجن. قافيو ٻنهي سٽن جي آخر ۾ايندو ته ان کي ’دوهو‘ سڏبو.

مثال            لاتيون لنونديون ڪوئلون،انب جهليندا ٻور

چاهين نه چاهين سي،مند ڪندن مجبور        (نارائڻ شيام

مٿئين دوهي ۾ ٻور،مجبور قافيا آهن

ڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌ.

سورٺو جي فني جوڙجڪ ڇند وديا موجب

(24) ......................................13+.....................11پهرين سٽ  
(24)....................................13 +.....................11 ٻي سٽ 
سورٺو  سمجهاڻي؛پهرئينءَ سٽ ۾ 11 + 13 (ماترائون) هجن. ٻي سٽ ۾ پڻ 11 + 13 ماترائون)  هجن. قافيو ٻنهي سٽن جي اڌ ۾ايندو ته ان کي ’سورٺو‘ سڏبو

مثال      نهائينء کان نينهن ، سک منهنجا سپرين

سڙي سارو ڏينهن ،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري (شاه لطيف

مٿئين سورٺو ۾ نينهن،ڏينهن  قافيا آهن

ڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌڌ

بيت  گهاڙيٽو(سورٺو+دوهو) جي فني جوڙجڪ ڇند وديا موجب

(24) ......................................13+.....................11پهرين سٽ  
(24)....................................11 +.....................13 ٻي سٽ 
 پهرين سٽ
سور
ٺو 11 + 13 ماترا ،قافيو وچ ۾،ٻي سٽ دوهو موجب 13 + 11ماترا قافيو آخر ۾اچڻ سان بيت سڏجڻ لڳومثال

پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار م مون،_مون ۾ آهين تون،متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛هڪ اکر اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڏا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

  لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو