وصف_   آزاد نظم

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ > سکڻ ـسيکارڻ (شاعري) > آزاد نظم سکيا

آزاد نظم: -آزاد نظم-، جديد شاعريءَ ۾ نظم جي صنف جو ھڪ نمونو ۽ جديد شاعريءَ جي ھڪ نئين روايت آھي. دنيا جي سڀني وڏين زبانن ۾ -آزاد نظم- لکيو وڃي ٿو
آزاد نظم اصل ۾ 19 صديءَ جي آخر ۾ فرينچ شاعريءَ جي ”علامت نگاريءَ“ (Symbolism) واريءَ تحريڪ سان گڏ نئين رنگ ۾ ظاھر ٿيو ۽ -ان- جو باني فرانسز گرئفن (Francis Viele Graffin) نالي آمريڪي شاعر ھو، جيڪو پئرس ۾ رھندو ھو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو ھو. ھن فرينچ شاعريءَ جي سخت گير قاعدن ۽ ڪلاسيڪل (Alexandrine) روايتن کي ھڪ ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو ۽ -ان- ۾ -انگريزي- بحرن (meters) جو استعمال ڪيو. ھن پنھنجي نئين تجربي کي Le verse est libre سڏيو ۽ عام طور فرينچ آزاد شاعري سڏڻ لڳا. ”ورس لبري“ جو بنياد، پدن (syllables) جي تعداد واري اصول بدران لفظن جي نغمگيءَ تي رکيو ويو، جنھن موجب وزن جو -ايڪو- (prosodic- unit) رڪن/ ماترا (foot) يا مصرع (line) بدران فقري (pharse) کي بنايو ويو ۽ قافيي (rhyme) کي اختياري (optional) حيثيت ڏني وئي.
-آزاد نظم- بابت عام غلط فھمي اھا آھي ته اھو ھر پابنديءَ کان آزاد آھي، -ان- ڪري نوان شاعر پنھنجن جذبن جو عام اظھار -آزاد نظم- ۾ ڪن ٿا. ليڪن -آزاد نظم- جي نالي ۾ لکيل ھر شعر ”-آزاد نظم-“ سڏي نٿو سگھجي. -آزاد نظم- حقيقت ۾ نظم جي گھاڙيٽي ۾ -انقلاب-، تجربي جي نواڻ بلڪ جديد نظم جي توسيع (extension) آھي. -ان- ۾ خيال جي مسلسل -اڏام- جي راھ ۾ رنڊڪ بنجندڙ ڳالھين، رديف، قافيي ۽ -بحر- جي قيد ۽ سخت گير قاعدن کي ھٽائي، ترنم جو انداز اختيار ڪيو ويو آھي، يعني ترنم يا ردم، اچارن وسيلي پيدا ٿئي ٿو. تنوير عباسي لکي ٿو ته ”لھجي (Accent) ۾ ٽي جزا ھوندا آھن: اوچائي (pitch)، شدت (intensity) ۽ وقفو (duration). اچار جو وقفو ئي آھي، جيڪو -آزاد نظم- جي ردم جو بنياد آھي. اھڙيءَ طرح آواز جي بلنديءَ يا چوٽيءَ جو لاھ چاڙھ ئي نغمگيءَ يا ردم جي ڪيفيت پيدا ڪندو آھي ۽ اھا ڪيفيت لفظن جي اندروني ردم يعني مصرعن/ سٽن ۾ عروضي/ ماترڪ/ ميٽرڪ رڪنن جي گھٽ وڌائيءَ سان پيدا ڪبي آھي-آزاد نظم- ۾مقرر ’-بحر-‘ ته ھوندو آھي، پر -ان- جي سٽن ۾ وزن جي رڪنن جو تعداد مقرر نه ھوندو آھي. ھر سٽ ۾ ضرورت موجب گھٽ وڌ رڪن ڪم آڻبا آھن ته جيئن آزاديءَ سان خيال کي بيان ڪري سگھجي
  آزاد نظم؛جديد شاعريءَ جي شروعات ڪشنچند بيوس ڪئي. علم عروض تي شاعري ڪندڙن سندس مخالفت ڪئي. ايتريقدر جو سندس مجموعي ”شيرين شعر“ کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. بيوس سنڌي شاعريءَ کي ايراني اثر کان آجو ڪيو. کيس عروضي شاعريءَ جي قيد مان آزاد ڪيو.
گل اندر سرهاڻ ڀرين ٿو،
موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
هيرا لعل هزار، قدرت وارا.
سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو، شيخ راز، نارائڻ شيام، شيخ اياز آزاد نظم ۽ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ به بهترين ڪم ڪيو ۽ انهن آزاد نظم جي طرفداري ۾ ٻه مقالا لکيا ۽ حقيقي حيثيت ۾ آزاد نظم کي مڃايو. جنهن تي ڪجهه پراڻن شاعرن جي رويي ۾ نرمي آئي، اڳ ۾ آزاد شاعريءَ کي ڇڙواڳ شاعري سڏيو ويندوهو.
4 مارچ جي واقعي تي 1984ع ۾ انقلابي شاعريءَ جي حيثيت سان غلام حسين رنگريز جي آزاد نظم گهڻي مشهور ٿي جيڪا عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي.
وهيو رت جيڪو جوانو اوهان جو،
اهو رت آهي امر،
اهو رت سنڌڙيءَ جو آهي. ۽ جيجل جندڙيءَ جو آهه.
جديد شاعريءَ کي ويهين صديءَ جي انقلابي شاعريءَ جو درجو حاصل آهي، جيڪا ڪيترن روزانه جي اخبارن، هفت روزه ۽ ماهوار رسالن جي سونهن آهي. مولانا غلام محمد گرامي ”مشرق جي جديد شاعري“ جي عنوان سان مقالو لکيو، جنهن تي روزانو مهراڻ ۾ ڪافي بحث مباحثو هلندو هو. آخر ڪار اهو تسليم ڪيو ويو ته جديد سنڌي شاعري به ٻاهرين ملڪن جي جديد شاعريءَ وانگر هڪ مڃيل صنف آهي

اي اوطاق ٿورن سان

پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ تان ورتل.
 

 شاعري سکيا ۾ بيت سان وابسطه  لغتي  لفظ ۽ مفهوم(ڇند وديا علم يا ڳڻپ)موجب

ماترا؛سٽ جي تقطيع ڪرڻ لاء پد يعني اکرن جي هڪوٽي ء ٻٽي آواز جي ڳڻپ ڪرڻ
قافيو؛
سر ؛الفا بيٽ جا اهي اکر  جن ۾  زير زبر پيش اچي ٿو.هنن کي حرف علت به چئبو آهي.مشل 
وينجن؛الفا بيٽ جا حرف علت کان علاوه سڀ اکر اچن ٿا. هڪ اکر هڪ ماترا ڳڻبي.
لفظ؛سر وارا اکر وينجن سان ملي لفظ تاهيندا آهن مثلا اهو لفظ ۾ ا وينجن(1 ماترا)+هو لفظ سر(2 ماترا).ڪل 1+2؛3
پد؛هڪ اکر اچارڻ ۾ ويرم لڳڻ کي پد چئبو آهي.ڪي پد ننڊا ء ڪي وڏا ٿيندا آهن.

واپس

  لنڪون؛بيت  ٽه سٽو  ڪافي  وائي  گيت  غزل  نظم هائيڪو  ٽيڙوترائيل سانيٽ ٽپو