سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻو مرڪزي  عهديدار تنوير عباسي  جي زندگي جو  تفصيل       

ه تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي ، پر -ان- تي عمل نه ٿي سگهيو . البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس -اکيون- آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن . سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن . تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه -اسلام- -آباد- ۾ آهي . تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي ، جنهن جو انچارج -اياز گل- آهي ، تنوير بابت ( 1 ) -تنوير عباسي- هڪ مطالعو- ( ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ) ، ( 2 ) پوان شل قبول ( مرتب: -اياز گل- ) ، ( 3 ) مان تنوير آهيان ( مرتب: مشتاق ڪلهوڙو ) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن . تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو روشن آ سانجهي  -اياز گل- ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي . ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي -تحقيق ۽ تنقيد- تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا .

واپس

تنوير عباسي ، ڊاڪٽر: سنڌ جي ناليواري عالم ، شاعر ، محقق ، مترجم ، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو . هن 7 ڊسمبر 1934ع تي ، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو . ساڌو هيرانند اڪيڊمي ، ڪراچيءَ مان پرائمري -تعليم- حاصل ڪيائين . مئٽرڪ جو امتحان اين . جي . وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين . انٽر سائنس ڊي جي . سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم . بي . بي . -ايس- ، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ، ڄام شوري مان پاس ڪيائين . ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو . ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين ، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين ؛ -ان- ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي . ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ -آزاد نظم- ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا . 
تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن . سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو ، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو ، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا . هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو ، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست ، خوش خير محمد هيسباڻي ، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس
 -تحقيق- ۽ ڪاوش ، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي . تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي ، هڪ وڏي عرصي تائين رهي . پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ -ان- جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- جي رٿا جوڙيندڙ ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي ، پبليڪيشن ، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر ، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ( 11 سالن تائين ) ، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو . سندس علمي ، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ -انعام- به مليا . سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي: 
( 1 ) رڳون ٿيون رباب ( شاعري: 1958ع ) ، ( 2 ) شعر ( 1970ع ) ، ( 3 ) جي ماريا نه موت ( ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع ) ، ( 4 )
 -ٻاراڻا ٻول- ( چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع ) ، ( 5 ) شاه لطيف جي شاعري ( تحقيق: جلد I- 1976ع ) ، ( 6 ) شاهه لطيف جي شاعري ( جلد ٻيو ، 1985ع ) ، ( 7 ) شاهه لطيف جي شاعري ( 3 جلد گڏ ، 1989ع ) ، ( 8 ) سج تريءَ هيٺان ( شاعري: 1977ع ) ، ( 9 ) جديد سنڌي شاعري ( چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع ) ، ( 10 ) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ( ترتيب: 1983ع ) ، ( 11 ) نانڪ يوسف جو ڪلام ( ترتيب: 1982ع ) ، ( 12 ) ڏوري ڏوري ڏيهه ( سفرنامو: 1984ع ) ، ( 13 ) هيءَ ڌرتي ( شاعري: 1985ع ) ، ( 14 ) Sachal Sarmast ، ( 15 ) منهن تنين مشعل ( خاڪا: 1990ع ) ، ( 16 ) -تنوير چئي- ( شعري ڪليات:1989ع ) ، ( 17 ) -ترورا- ( ادبي مضمون ، خاڪا ، يادگيريون ، سفرنامو: 1988ع ) ، ( 18 ) ساجن سونهن سرت ( شاعري: 1996ع ) ، ( 19 ) سپني کان سهڻي ساڀيا ( تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع ) ، ( 20 ) سچل جو رسالو ( ترتيب:اڻ ڇپيل ) ، ( 21 ) مون کي اڳتي وڃڻو آهي ( سفرناما: 2000ع ) . 
سنڌي شاعر ،
 -ادب -، جديد ٻوليءَ ، ڪلچر ، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا ، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن . 
ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو
 -انسان- ، 25 نومبر 1999ع تي ، -اسلام- -آباد- ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . .