سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻو مرڪزي  عهديدار تاج بلوچ  جي زندگي جو  تفصيل       

 

 

 

ٽائيم لائين

1940.05.25-A.D
تاج بلوچ، ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو.

واپس

بلوچ، تاج: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر -تاج- -بلوچ- جو پورو نالو -تاج- محمد بُلو (-جتوئي-) آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ -تاج- -بلوچ-جي نالي سان مشهور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي -جنم- ورتو. خزاني کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. -تاج- -بلوچ- جو شمار غزل ۽ نظم جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس شاعري جا چار مجموعا ڇپيل آهن: (1) درد جو صحرا (1970ع)، (2) خوشبو جو زهر (1987ع)، (3) لفظن جو ماتم (1994ع)، (4) دل جزيرو اداس موسمن جو (2004ع) . 
تاج
 -بلوچ- جي فن تي ٽماهي مهراڻ جي سوانح نمبر 1990ع ۾ مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، -تاج- -بلوچ- جي -تخليق- (شاعري) ۾ اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ بهترين غزل گو شاعر لاءِ لازم ٿي سگهن ٿا. سندس انداز بيان ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي آهي. -تاج- فني نقطئه نگاهه کان جماليات ۽ خمريات جو شاعر آهي، سندس فن ۾ قديم ۽ جديد خيالات ۽ فن جي آميزش آهي. ننڍن بحرن ۾ سندس دل ۾ چڀندڙ بيتن ۾ عجيب جنبش آهي.  
تاج
 -بلوچ- سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ماهوار سوجهري جو چيف -ايڊيٽر- آهي، جنهن جا 100 کان مٿي پرچا ڪڍي چڪو آهي. هن وقت سندس رهائش گلشن اقبال، ڪراچيءَ ۾ آهي .

اياز قادري  تنوير عباسي  تاج بلوچ  رشيد ڀٽي    غلام حسين رنگريز   ادل سومرو   ڊاڪٽر شمس سومرو  اياز گل  مختيار ملڪ    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال  

 يوسف سنڌي  ڊاڪٽر مشتاق ڦل تاج جويو

 . .