سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻو مرڪزي سيڪريٽري جنرل   مختيار ملڪ         

 

مختيار ملڪ هڪ تمام سٺو نثر نگار ۽ ڪالم نگار پڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔ هڪ ڊگهي عرصي کان ريڊيو پاڪستان لاء پنهنجون خدمتون نڀائيندي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ خيرپور، لاڙڪاڻو، ڀٽ شاهه ۾ ريڊيو جا لاجواب پروگرام پيش ڪيا اٿن. هن وقت پاڻ ڊپٽي ڪنٽرولر طور ڪراچي ۾ مقرر آهن. مختيار ملڪ يار ويس ماڻهو آهي ۽ سنڌي ٻوليء لاء سندس خدمتون قابل تعريف آهن. هو جڏهن به ۽ جتي به ملندو آهي ته وڏي پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو آهي.

 

 

واپس

مختيار ملڪ : خوبصورت شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽرريڊيو سان پراڻو لاڳاپو رهيو آهي ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ 1988ع تائين بجلي ڪانه هئي ته گهڻو ڪري ريڊيو جا سڀ پروگرام ٻڌندا هئاسين. 80 جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو جي پروگرامن جي ترتيب تبديل ٿيڻ سان گڏ ريڊيو ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ايئن ئي خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي پروگرامن به وڏو نالو ڪمايو. ان وقت جي پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ،  نصير سومرو سان گڏ اسحاق انصاري جي ڪمپيئرنگ به تمام گهڻو مقبول ٿي. ان زماني کان مختيار ملڪ جي آواز جا چاهيندڙ بڻجي وياسين. 
نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽرميڊييٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا
. مختيار ملڪ خوبصورت آواز جو مالڪ هجڻ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. هن انيڪ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نڀايا آهن. ممتاز مرزا جي هوندي ئي هن سچل سرمست جي ميلي ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارو ڪم وڏي خوبصورتي سان نڀايو.

ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شاگرد سياست ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي جمهوريت جي بحاليء لاء پاڻ رسالا ڪڍڻ ۽ لکڻ ۾ سرگرم رهيا. اهوئي سبب هيو جو کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ڪجهه عرصو روپوشي جي زندگي گذاريائون. مختيار ملڪ بهترين شاعر پڻ آهي ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا :

ٽم ٽم ٽانڊاڻا
1981
  مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب

اماس ۾ به سوجهرو 2001 مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب

 

 

اياز قادري  تنوير عباسي  تاج بلوچ  رشيد ڀٽي    غلام حسين رنگريز   ادل سومرو   ڊاڪٽر شمس سومرو  اياز گل  مختيار ملڪ    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال   يوسف سنڌي  ڊاڪٽر مشتاق ڦل تاج جويو