سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻو مرڪزي سيڪريٽري جنرل   ادل سومرو          

 

مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس -ثقافت- ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) سنگت- هري دلگير اوارڊ، سگا پاران عبدالله هارون اوارڊ، سائوٿ -ايشيا-پبليڪيشن پاران اسٽار اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو سنڌ رويو اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين -استاد- جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (-ان- اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس بهترين -استاد- تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد -انعام- پڻ پيش ڪيو ويو). 
ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو وارِي
 -تڙ-، سکر ۾ رهائش پذير آهي

ٽائيم لائين

1955.08.15-A.D
ادل سومرو: نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 آگسٽ 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن.

 

 

واپس

ادل سومرو: نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 -آگسٽ- 1955ع تي سکر شهر ۾ -جنم- وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، -جتي- هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ -اياز- چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادبي سنگت جي -تاريخ- ۽ ڪردار جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، -جن- ۾: 
وائيس چيئرمئن بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل روهڙي، ميمبر- سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي (2002ع)، پروفيسر انچارج شيخ
 -اياز- چيئر خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري سچل سرمست يادگار ڪاميٽي (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، -آغا خان- بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي -اسلام- -آباد-، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس -اسلام- -آباد-، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. 
ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽
 -بيت- جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ وليون وڻ ڦلاريا (شاعري) 1986، اسين مسافر پيار جا (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ -اياز- لکيو ۽ وساري نه ڇڏجو (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ روز ٽڙن رابيل (شاعري) 1971ع، چنڊ پشم گولو (شاعري) 1979ع، -آچر- جا احوال (ڪهاڻيون)، -پتلين جو تماشو- (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، مٽيءَ جا رانديڪا (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ تنوير عباسي فن ۽ شخصيت 2007ع، سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ 1981ع رنگبرنگي ڦوڪڻا (شاعري)، سو ديس مسافر منهنجو ڙي، مهڪ چنبيليءَ ول جي ۽  -تون ئي منهنجي شاعري- شامل آهن. جڏهن ته هو ڀٽائي تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران شاعري ۽ ڪهاڻي خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، -انعام- ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا.
.